اسلام آباد- 18 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار ترڪيه سان رابطن ۽ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي پاڪستان جي عزم کي ورجايو آهي. جمعي ڏينهن پرڏيهي آفيس پاران جاري ڪيل بيان موجب، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان ترڪيه جي سفير عرفان نذير اوغلو ملاقات ڪئي. ترڪيه جي سفير نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير کي پاڪستان ۽ ترڪيه …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان ترڪيه جي سفير عرفان نذير اوغلو جي ملاقات
اسلام آباد- 18 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار ترڪيه سان رابطن ۽ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي پاڪستان جي عزم کي ورجايو آهي. جمعي ڏينهن پرڏيهي آفيس پاران جاري ڪيل بيان موجب، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان ترڪيه جي سفير عرفان نذير اوغلو ملاقات ڪئي. ترڪيه جي سفير نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير کي پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ تازين اعليٰ سطحي رابطن کانپوءِ مختلف شعبن ۾ تعاون کي اڳيان وڌائڻ لاءِ قائم ٻطرفي ادارتي طريقيڪار تحت ٿيندڙ اڳڀرائي بابت آگاهه ڪيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ترجيحي شعبن ۾ ترڪيه سان رابطن ۽ تعاون کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم کي ورجايو. هن ٻه طرفي ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ لاڳاپيل ادارن کي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ايندڙ گڏيل ڪميشن ۽ اعليٰ سطحي اسٽريٽجڪ تعاون ڪائونسل جي اٺين اجلاس جي تيارين جي لاءِ ويجها رابطا يقيني بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هُنن خطي ۾ بدلجندڙ صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ان ڳالهه تي زور ڏنو ته خطي ۾ پائيدار امن، استحڪام ۽ خوشحالي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڳالهيون ۽ سفارتڪاري ئي واحد قابل عمل رستو آهي.











