اسلام آباد- 18 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته ڊجيٽل پليٽ فارمز عوام تائين بروقت معلومات پهچائڻ ۽ موثر رابطي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، گمراهه ڪندڙ مواد، پروپيگنڊا ۽ منفي مهمن جي موثر روڪٿام ڊجيٽل ڪميونيڪيشن ڊپارٽمينٽ جي ترجيحن ۾ شامل آهي. اهڙن خيالن جي اظهار هُن وزيرآباد پريس ڪلب جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن اطلاعات ۽ نشريات …
پليٽ فارمز عوام تائين بروقت معلومات پهچائڻ ۽ موثر رابطي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن: عطاءُ الله تارڙ
اسلام آباد- 18 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته ڊجيٽل پليٽ فارمز عوام تائين بروقت معلومات پهچائڻ ۽ موثر رابطي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، گمراهه ڪندڙ مواد، پروپيگنڊا ۽ منفي مهمن جي موثر روڪٿام ڊجيٽل ڪميونيڪيشن ڊپارٽمينٽ جي ترجيحن ۾ شامل آهي. اهڙن خيالن جي اظهار هُن وزيرآباد پريس ڪلب جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي ڊجيٽل ڪميونيڪيشن ڊپارٽمينٽ (ڊي سي ڊي) جو دورو ڪيو. وفد کي اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ڊجيٽل ڪميونيڪيشن ڊپارٽمينٽ جي مختلف شعبن، دائري ۽ ڪم ڪار بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. وفد جي ميمبرن سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڊجيٽل پليٽ فارمز عوام تائين بروقت معلومات پهچائڻ ۽ موثر رابطي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هن چيو ته گمراهه ڪندڙ مواد، پروپيگنڊا ۽ منفي مهمن جي موثر روڪٿام ڊجيٽل ڪميونيڪيشن ڊپارٽمينٽ جي ترجيحن ۾ شامل آهي. هن چيو ته حڪومتي قدمن ۽ قومي اهميت جي معاملن بابت درست معلومات عوام تائين پهچائڻ جي لاءِ ڊجيٽل ذريعن جو موثر استعمال ضروري آهي. وزيرآباد پريس ڪلب جي وفد ڊجيٽل ڪميونيڪيشن جي شعبي ۾ اطلاعات واري وزارت جي سرگرمين ۽ قدمن کي ساراهيو. وفد کي ڊجيٽل ڪميونيڪيشن جي شعبي ۾ اطلاعات واري وزارت پاران ڪيل مختلف قدمن ۽ اڳڀرائي کان پڻ آگاهه ڪيو ويو.











