اسلام آباد - 17 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان پرڏيهي سيڪريٽري سفير آمنه بلوچ سرڪاري ملازمت تان پنهنجي رٽائرمينٽ جي موقعي تي ساڻس الوداعي ملاقات ڪئي. خميس ڏينهن پرڏيهي وزارت جي ترجمان جي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير پاڪستان جي لاءِ سفير آمنه بلوچ جي خدمتن کي ساراهيو ۽ اهم سفارتي سرگرمين جي دور ۾ ٻن …
نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ جي الوداعي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد – 17 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان پرڏيهي سيڪريٽري سفير آمنه بلوچ سرڪاري ملازمت تان پنهنجي رٽائرمينٽ جي موقعي تي ساڻس الوداعي ملاقات ڪئي. خميس ڏينهن پرڏيهي وزارت جي ترجمان جي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير پاڪستان جي لاءِ سفير آمنه بلوچ جي خدمتن کي ساراهيو ۽ اهم سفارتي سرگرمين جي دور ۾ ٻن سالن تائين بطور پرڏيهي سيڪريٽري سندس قيادت جي پڻ واکاڻ ڪئي. هن ترڪيه ۾ پاڪستان جي سفير جي حيثيت سان سندس نئين ذميواري جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. سفير آمنه بلوچ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير پاران تعاون ۽ رهنمائي تي سندس ٿورا ادا ڪيا. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سفير آمنه بلوچ جي مستقبل جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي سندس نئين سفارتي ذميواري ۾ ڪاميابي جي دعا ڪئي.










