ڪيپ ٽائون-17 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردر اياز صادق پاڪستان جي پارليامينٽ دولت مشترڪه پارلياماني ايسوسيئيشن جو گرين ميس ايوارڊ وصول ڪيو . قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب هي ايوارڊ قومي اسيمبلي جي گرين پارليامينٽ قدمن، دنيا جي پهرين سئو سيڪڙو سولر توانائي سان هلندڙ پارليامينٽ هجڻ، پيپرليس پارلياماني نظام طرف اڳڀرائي ۽ ٻين ماحول دوست قدمن جي اعتراف ۾ ڏنو ويو. ان موقعي تي قومي اسيمبلي …
پاڪستان جي پارليامينٽ کي 69 هين دولت مشترڪه پارلياماني ڪانفرنس جي مرڪزي پروگرام ۾ پهرين گرين ميس ايوارڊ سان نوازيو ويو

مزید خبریں
ڪيپ ٽائون-17 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردر اياز صادق پاڪستان جي پارليامينٽ دولت مشترڪه پارلياماني ايسوسيئيشن جو گرين ميس ايوارڊ وصول ڪيو . قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب هي ايوارڊ قومي اسيمبلي جي گرين پارليامينٽ قدمن، دنيا جي پهرين سئو سيڪڙو سولر توانائي سان هلندڙ پارليامينٽ هجڻ، پيپرليس پارلياماني نظام طرف اڳڀرائي ۽ ٻين ماحول دوست قدمن جي اعتراف ۾ ڏنو ويو. ان موقعي تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق گرين ميس ايوارڊ ملڻ تي ٿورن جو اظهار ڪندي چيو ته اسپيڪر جي حيثيت سان هي ايوارڊ وصول ڪرڻ منهنجي لاءِ اعزاز جوڳو آهي، هن چيو ته هي اعزاز صرف هڪ اعزاز نه پر ايندڙ نسلن لاءِ صاف ۽ بهتر ماحول يقيني بڻائڻ جي پارلياماني عزم جو اعتراف آهي. گرين پارليامينٽ طرف سفر ڪنهن اعزاز کي حاصل ڪرڻ لاءِ نه پر عوام، ٻارن ۽ ايندڙ نسلن سان ذميواري جي احساس تحت شروع ڪيو ويو. اسپيڪر چيو ته گرين ميس ايوارڊ منزل نه پر پائيدار ماحول طرف وڌيڪ قدم جاري رکڻ جي عزم جو اظهار آهي. قومي اسيمبلي پاڪستان پنهنجي توانائي جي ضرورتن لاءِ سئو سيڪڙو شمسي توانائي اختيار ڪري چڪي آهي جنهن سبب ان کي دنيا جي پهرين سئو سيڪڙو توانائي تي هلندڙ پارليامينٽ جو اعزاز حاصل آهي. قومي اسيمبلي پارلياماني ڪارروائي کي ڊجيٽل بڻائڻ ۽ ڪاغذ جي استعمال ۾ گهٽتائي لاءِ اليڪٽرانڪ ٽيبليٽس جي استعمال ذريعي پيپر ليس پارلياماني نظام طرف به اهم اڳڀرائي آهي. پارليامينٽ هائوس ۾ برسات جو پاڻي محفوظ بڻائڻ جو منصوبو جاري ٿيڻ به قومي اسيمبلي جي ماحول دوست قدمن جو اهم حصو آهي جنهن جو مقصد پاڻي جي وسيلن جو تحفظ ۽ موثر استعمال آهي. دولت مشترڪه پارلياماني ڪانفرنس جي شرڪت ڪندڙن پاڪستان جي گرين پارليامينٽ قدمن ۽ ماحول دوست قدمن کي ساراهيندي قومي اسيمبلي جي تجربي ۽ دولت مشترڪه جي ٻين پارليامينٽن لاءِ مثالي ماڊل قرار ڏنو. گرين ميس ايوارڊ پاڪستان جي پارليامينٽ طرفان ماحولياتي تحفظ، پائيدار ترقي، ڊجيٽل پارلياماني نظام ۽ وسيلن جي ذميوارڻي استعمال لاءِ جاري ڪوششن جو هڪ عالمي اعتراف آهي.










