گهرو معاملن واري وفاقي وزير پاران دوائن جا ڪنٽينرز روڪڻ جو نوٽيس

اسلام آباد-17 سيپٽمبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي نيوز چئنلز تي دوائن جا ڪنٽينرز روڪڻ بابت نشر ٿيل خبر جو فوري نوٽيس ورتو آهي. وفاقي وزير آءِ جي اسلام آباد پوليس ۽ چيف ڪمشنر اسلام آباد سان فوري رابطو ڪيو ۽ قبضي ۾ ورتل دوائن جا سمورا ڪنٽينرز فوري طور رليز ڪرڻ جا سخت حڪم جاري ڪيا. محسن نقوي واضح لفظن ۾ چيو ته دوائون …

اسلام آباد-17 سيپٽمبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي نيوز چئنلز تي دوائن جا ڪنٽينرز روڪڻ بابت نشر ٿيل خبر جو فوري نوٽيس ورتو آهي. وفاقي وزير آءِ جي اسلام آباد پوليس ۽ چيف ڪمشنر اسلام آباد سان فوري رابطو ڪيو ۽ قبضي ۾ ورتل دوائن جا سمورا ڪنٽينرز فوري طور رليز ڪرڻ جا سخت حڪم جاري ڪيا. محسن نقوي واضح لفظن ۾ چيو ته دوائون آڻيندڙ ۽ ويندڙ ڪنٽينرز ۽ گاڏين کي ڪنهن به صورت ۾ روڪڻ نه گهرجي. هن لاڳاپيل پوليس ۽ انتظامي آفيسرن کي سخت هدايت ڪئي ته هو ان حوالي سان ملندڙن هدايتن تي فوري ۽ جيئن جو تيئن عملدرآمد يقيني بڻائين ته جيئن شهرين لاءِ ضروري دوائن جي فراهمي ۾ ڪا رڪاوٽ نه اچي.

مزید خبریں