سنڌ ۾ زمينن جي رڪارڊ واري نظام کي جديد ۽ شفاف بڻايو پيو وڃي، جيڪو هڪ انقلابي قدم آهي: شرجيل انعام ميمڻ

ڪراچي-17 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي سينيئر ،اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ ڪابينا جا فيصلا عوامي خدمت جي عملي ايجنڊا جو تسلسل آهن، پيپلز پارٽي نعرن جي نه پر عملي خدمت جي سياست تي يقين رکي ٿي، سنڌ حڪومت وٽ فيصلا، منصوبا ۽ عوامي خدمت جو عملي ايجنڊا موجود آهي.هڪ بيان ۾ هن چيو ته سنڌ ۾ زمينن جي …

ڪراچي-17 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي سينيئر ،اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ ڪابينا جا فيصلا عوامي خدمت جي عملي ايجنڊا جو تسلسل آهن، پيپلز پارٽي نعرن جي نه پر عملي خدمت جي سياست تي يقين رکي ٿي، سنڌ حڪومت وٽ فيصلا، منصوبا ۽ عوامي خدمت جو عملي ايجنڊا موجود آهي.هڪ بيان ۾ هن چيو ته سنڌ ۾ زمينن جي رڪارڊ واري نظام کي جديد ۽ شفاف بڻايو پيو وڃي، جيڪو هڪ انقلابي قدم آهي. بلاڪ چين ٽيڪنالاجي ذريعي زمينن جي رڪارڊ کي محفوظ ۽ شفاف بڻايو ويندو. سنڌ جي عوام کي زمينن جي معاملن ۾ غيرضروري دفتري چڪرن کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ چاهيون ٿا، جڏهن ته زمينن جي رڪارڊ ۾ فراڊ ۽ ملڪيت جي تڪرارن جي روڪٿام حڪومت جي اوليت آهي.هن چيو ته سنڌ ۾ صحت جي شعبي ۾ هڪ ٻيو وڏو عوامي منصوبو شروع ڪيو پيو وڃي. ايڌي فائونڊيشن جي سهڪار سان اين آءِ سي ايڇ ۾ 445 بسترن تي ٻڌل ميڊيڪل ٽاور هڪ اهم اڳڀرائي آهي. پيپلز پارٽي جي سياست جو مرڪز عوام کي صحت، تعليم ۽ بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ آهي، عوامي خدمت ڪندڙ ادارن کي سنڌ حڪومت هر ممڪن سهولت فراهم ڪندي.شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ جي نوجوانن کي مايوسي نه، پر موقعن جي ضرورت آهي. نوجوانن لاءِ تعليم، صحت، راندين ۽ گرين اسڪلز جا موقعا پيدا ڪيا پيا وڃن، سنڌ جي نئين اسپورٽس پاليسي نوجوانن جي مستقبل جي پاليسي آهي.هن چيو ته راندين کي رڳو تفريح تائين محدود نه رکيو پيو وڃي، پر ان کي نوجوانن جي صلاحيتن ۽ قابليتن جي واڌ ويجهه جو ذريعو بڻايو پيو وڃي. ڪراچي کان ٿر تائين سنڌ جي هر نوجوان کي هڪجهڙا موقعا ملڻ گهرجن. مصنوعي ذهانت، ڊيٽا اينالٽڪس ۽ روبوٽڪس جديد سنڌ جي تعليمي ترجيحن ۾ شامل آهن.شرجيل انعام ميمڻ چيو ته دنيا تبديل ٿي رهي آهي، سنڌ پڻ پنهنجي تعليمي ترجيحن کي تبديل ڪري رهيو آهي. پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جو مقصد عوامي مفاد ۾ وسيلن ۽ مهارتن کي گڏ ڪرڻ آهي، جڏهن ته سنڌ حڪومت ادارتي سڌارن ذريعي نظام کي وڌيڪ اثرائتو بڻائي رهي آهي.هن چيو ته سنڌ پوئتي نه ويندي، جديد ٽيڪنالاجي ۽ سڌارن جي سفر کي اڳتي وڌائيندي. سنڌ حڪومت جو واضح پيغام آهي ته عوامي خدمت جو سفر وڌيڪ تيز ڪيو ويندو.

مزید خبریں