بدين- 17 سيپٽمبر (اي پي پي) بدين ۾ ڊپٽي ڪمشنر ياسر ڀٽي جي صدارت ۾ 21 سيپٽمبر کان شروع ٿيندڙ پوليو کان بچاءَ واري قومي مهم جي تيارين بابت اهم اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڊپٽي ڪمشنر بدين ياسر ڀٽي چيو ته 21 سيپٽمبر کان شروع ٿيندڙ پوليو کان بچاءَ واري قومي مهم لاءِ ضلعي ۾ سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن، جڏهن ته مهم دوران هر ٻار تائين پوليو …
بدين ۾ ڊپٽي ڪمشنر ياسر ڀٽي جي صدارت ۾ 21 سيپٽمبر کان شروع ٿيندڙ پوليو کان بچاءَ واري قومي مهم جي تيارين بابت اهم اجلاس
بدين- 17 سيپٽمبر (اي پي پي) بدين ۾ ڊپٽي ڪمشنر ياسر ڀٽي جي صدارت ۾ 21 سيپٽمبر کان شروع ٿيندڙ پوليو کان بچاءَ واري قومي مهم جي تيارين بابت اهم اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڊپٽي ڪمشنر بدين ياسر ڀٽي چيو ته 21 سيپٽمبر کان شروع ٿيندڙ پوليو کان بچاءَ واري قومي مهم لاءِ ضلعي ۾ سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن، جڏهن ته مهم دوران هر ٻار تائين پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پهچائڻ لاءِ سمورا وسيلا استعمال ڪيا وڃن، هن چيو ته پوليو مهم جي ڪاميابي جو دارومدار بهترين، جامع ۽ زميني حقيقتن مطابق تيار ڪيل مائيڪرو پلان تي آهي، تنهن ڪري ڪنهن به صورت ۾ مائيڪرو پلان فيل نه ٿيڻ گهرجي. هن لاڳاپيل آفيسرن کي هدايت ڪئي ته مائيڪرو پلان ۾ هر علائقي، آبادي ۽ ٻار جي درست نشاندهي کي يقيني بڻايو وڃي ۽ مهم دوران ڪنهن به قسم جي کوٽ يا غلطي جي گنجائش نه ڇڏي وڃي. ڊپٽي ڪمشنر چيو ته گذريل چئن مهينن کان بدين شهر جا ماحولياتي سيمپل مسلسل نيگيٽو اچي رهيا آهن، جيڪو ضلعي انتظاميا، صحت کاتي، پوليو ٽيمن ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جي گڏيل ٽيم ورڪ جو نتيجو آهي. هن چيو ته پوليو جي خاتمي لاءِ جاري ڪوششن کي وڌيڪ منظم ۽ اثرائتو بڻائڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته اجلاس جو مقصد پوليو مهم دوران سامهون ايندڙ مسئلن جي نشاندهي ڪري انهن جو بروقت حل يقيني بڻائڻ آهي. هن خاص طور تي ريفيوزل ڪيسن تي وڌيڪ فوڪس ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته جن خاندانن پاران ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪيو وڃي ٿو انهن سان رابطي آگاهي ۽ مؤثر ڪائونسلنگ ذريعي ريفيوزل ڪيسن کي ختم ڪيو وڃي. ڊپٽي ڪمشنر چيو ته ڪجهه علائقن ۾ اين آر ايس پي سان لاڳاپيل مسئلن سبب ريفيوزل ڪيس سامهون اچن ٿا، تنهن ڪري لاڳاپيل ادارا گڏيل حڪمت عملي تحت انهن علائقن تي خاص ڌيان ڏين هن نجي اسڪولن جي انتظاميا کي پڻ هدايت ڪئي ته پوليو ٽيمن کي اسڪولن ۾ ٻارن تائين پهچ لاءِ غيرضروري انتظار نه ڪرايو وڃي، ڇاڪاڻ ته پوليو مهم دوران ٽيمن سان مڪمل سهڪار ڪرڻ ضروري آهي ته جيئن ڪو به ٻار پوليو کان بچاءَ جي ڦڙن کان محروم نه رهي. هن چيو ته پوليو مهم دوران جيڪڏهن ڪنهن ٽيم کي ڪنهن به قسم جو مسئلو پيش اچي ته ان جي شڪايت بروقت لاڳاپيل اختيارين تائين پهچائي وڃي، جيئن مسئلو فوري طور حل ڪري سگهجي ڊپٽي ڪمشنر آفيسرن کي سختي سان هدايت ڪئي ته پوليو مهم دوران ڊيٽا ۽ انٽري جي درستگي کي هر صورت ۾ يقيني بڻايو وڃي. هن چيو ته جيڪڏهن ڪا معمولي شي رهجي وڃي ته ان کي بروقت درست ڪري سگهجي ٿو، پر غلط انٽري يا غلط انگ اکر داخل ڪرڻ ڪنهن به صورت ۾ قبُولڻ جوڳا نه آهن، ڇاڪاڻ ته ان سان مهم جي مجموعي ڪارڪردگي متاثر ٿي سگهي ٿي. هن لاڳاپيل آفيسرن کي هدايت ڪئي ته پوليو مهم دوران ٽيمون مقرر ڪيل مائيڪرو پلان مطابق گهر گهر وڃي پنجن سالن کان گهٽ عمر جي هر ٻار ۽ رهجي ويل ٻارڙن کي فوري طور تي ڦڙا پيارا وڃن. اجلاس ۾ پوليو مهم جي مائيڪرو پلان، ٽيمون، ريفيوزل ڪيس، ماحولياتي سيمپل، خانگي اسڪولن سان سهڪار، لاجسٽڪ انتظامن ۽ مهم دوران پيش ايندڙ مسئلن جي بروقت حل بابت تفصيلي جائزو ورتو ويو.







