اوٽاوا- 17 سيپٽمبر(اي پي پي) ڪينيڊا مستقل رهائش لاءِ وڌيڪ 2 هزار پرڏيهي هنرمند ڪارڪنن کي درخواستون ڏيڻ جي دعوت ڏني آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق اهو قدم وفاقي حڪومت جي ان منصوبي تحت تازي اڳڀرائي آهي جنهن ذريعي هزارين عارضي ڪارڪنن کي مستقل رهائش جو درجو ڏيڻ جي راهه هموارڪئي پئي وڃي. ڪينيڊا جي حڪومت هلندڙ سال مارچ ۾ اعلان ڪيو هو ته اها هڪ اهڙو قدم محدود پيماني تي …
ڪينيڊا جي مستقل رهائش لاءِ 2 هزار پرڏيهي هنرمند ورڪرز کان درخواستون طلب
اوٽاوا- 17 سيپٽمبر(اي پي پي) ڪينيڊا مستقل رهائش لاءِ وڌيڪ 2 هزار پرڏيهي هنرمند ڪارڪنن کي درخواستون ڏيڻ جي دعوت ڏني آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق اهو قدم وفاقي حڪومت جي ان منصوبي تحت تازي اڳڀرائي آهي جنهن ذريعي هزارين عارضي ڪارڪنن کي مستقل رهائش جو درجو ڏيڻ جي راهه هموارڪئي پئي وڃي. ڪينيڊا جي حڪومت هلندڙ سال مارچ ۾ اعلان ڪيو هو ته اها هڪ اهڙو قدم محدود پيماني تي شروع ڪري رهي آهي جنهن ذريعي سال 2026ع ۽ سال 2027ع ۾ 33 هزار تائين هنرمند عارضي پرڏيهي ڪارڪنن کي مستقل رهائش حاصل ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪيو ويندو. اميگريشن، رفيوجيز اينڊ سٽيزن شپ ڪينيڊا (آءِ آر سي سي) جي ترجمان ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ان قدم ۾ اهڙن ماڻهن کي هدف بڻايو ويندو جيڪي اڳ ۾ ئي ڪينيڊا جي معيشت ۾ مختلف شعبن خاص طور تي انهن شعبن ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن جتي افرادي سگهه جي طلب وڌيڪ آهي.








