نئين دهلي -17 سيپٽمبر (اي پي پي) ڀارت ۾ مودي سرڪار جي ڪنٽرول هيٺ هندوپرست نظريه تحت اقليتن خلاف منظم رياستي ظلم جو سلسلو ڳڻتي جوڳي حد تائين وڌي چڪو آهي. عالمي ميڊيا جي تازي رپورٽ مطابق بي جي پي جي اقتدار هيٺ رياست ڇتيس ڳڙهه مسيحي برادري تي پرتشدد حملن، سماجي بائيڪاٽ ۽ مذهبي جبر جو ڳڙهه بڻجي چڪو آهي جتي هڪ عيسائي عورت جي تدفين زبردستي هندو رسمن …
ڀارت ۾ مودي سرڪار جي ڪنٽرول هيٺ هندوپرست نظريه تحت اقليتن خلاف منظم رياستي ظلم جو سلسلو ڳڻتي جوڳي حد تائين وڌي چڪو آهي: عالمي ميڊيا
نئين دهلي -17 سيپٽمبر (اي پي پي) ڀارت ۾ مودي سرڪار جي ڪنٽرول هيٺ هندوپرست نظريه تحت اقليتن خلاف منظم رياستي ظلم جو سلسلو ڳڻتي جوڳي حد تائين وڌي چڪو آهي. عالمي ميڊيا جي تازي رپورٽ مطابق بي جي پي جي اقتدار هيٺ رياست ڇتيس ڳڙهه مسيحي برادري تي پرتشدد حملن، سماجي بائيڪاٽ ۽ مذهبي جبر جو ڳڙهه بڻجي چڪو آهي جتي هڪ عيسائي عورت جي تدفين زبردستي هندو رسمن مطابق ڪرائي وئي. مقامي پادري واقعي کي ظلم ۽ انسانيت جي تذليل جي انتها قرار ڏيندي چيو ته هٿ ٺوڪي سيڪيولر ڀارت ۾ هاڻي مرڻ به محفوظ ناهي رهيو . هن نشاندهي ڪئي ته بي جي پي جي حڪومت جي دور ۾ انتهاپسند هندو عنصر غريب ۽ مظلوم مسيحي خاندانن کي نشانو بڻائي جبر ڪري غير مذهب رسمن تي مجبور ڪن ٿا ۽ کين رياستي سرپرستي سبب قانون يا سزا جو ڪو خوف نه هوندو اٿن . تجزيو ڪندڙن مطابق مودي حڪومت سياسي مقصد ۽ چونڊ مفادن لاءِ سڄي ملڪ ۾ ويڇن، تعصب ۽ نفرت پکيڙي اقليتن جي بنيادي انساني حقن کي لتاڙي رهي آهي جنهن سبب ڀارت جو سيڪيولرازم جو چهرو وائکو ٿي چڪو آهي.








