اسلام آباد- 17 سيپٽمبر (اي پي پي) سعودي عرب جي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان ۽ فرانس جي صدر ايمانويل ميڪرون ٽيليفون تي رابطي دوران وچ اوڀر جي صورتحال جو جائزو ورتو. پرڏيهي ميڊيا مطابق علائقائي صورتحال جو جائزو وٺڻ سان گڏوگڏ خطي جي سيڪيورٽي ۽ استحڪام کي وڌائڻ جي ڪوششن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ان سان گڏو گڏ فريڊم آف ميري ٽائيم نيويگيشن ۽ سيڪيورٽي کي …
سعودي عرب جي ولي عهد ۽ فرانس جي صدر جو ٽيليفونڪ رابطو، علائقائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ
اسلام آباد- 17 سيپٽمبر (اي پي پي) سعودي عرب جي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان ۽ فرانس جي صدر ايمانويل ميڪرون ٽيليفون تي رابطي دوران وچ اوڀر جي صورتحال جو جائزو ورتو. پرڏيهي ميڊيا مطابق علائقائي صورتحال جو جائزو وٺڻ سان گڏوگڏ خطي جي سيڪيورٽي ۽ استحڪام کي وڌائڻ جي ڪوششن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ان سان گڏو گڏ فريڊم آف ميري ٽائيم نيويگيشن ۽ سيڪيورٽي کي يقيني بڻائڻ لاءِ قدمن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي اڳواڻن دلچسپي جي مختلف معاملن تي به ڳالهيون ڪيون.








