بيجنگ- 17 سيپٽمبر (اي پي پي) ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي هتي چين جي اختيارين ۽ شراڪتدارن سان ٿيل ڳالهين کي ڪامياب قرار ڏيندي چيو آهي ته اڄ جا فيصلا خطي ۾ مستقبل جي اسٽريٽجڪ توازن جو تعين ڪندا. پرڏيهي ميڊيا مطابق ايران جي پرڏيهي وزير چيو ته ايران چين سان وقت سان گڏ قائم ٿيل اسٽريٽجڪ شراڪتداري کي انتهائي قدر جي نظر سان ڏسي ٿو. هن چيو ته …
چين سان ڳالهين ۾ ٿيل فيصلا خطي جي اسٽريٽجڪ توازن جو تعين ڪندا: ايران جو پرڏيهي وزير
بيجنگ- 17 سيپٽمبر (اي پي پي) ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي هتي چين جي اختيارين ۽ شراڪتدارن سان ٿيل ڳالهين کي ڪامياب قرار ڏيندي چيو آهي ته اڄ جا فيصلا خطي ۾ مستقبل جي اسٽريٽجڪ توازن جو تعين ڪندا. پرڏيهي ميڊيا مطابق ايران جي پرڏيهي وزير چيو ته ايران چين سان وقت سان گڏ قائم ٿيل اسٽريٽجڪ شراڪتداري کي انتهائي قدر جي نظر سان ڏسي ٿو. هن چيو ته هن وقت ڪيل فيصلن جا خطي تي انتهائي گهرا ۽ پائيدار اثر پوندا. ايران جي پرڏيهي وزير مطابق خطي ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ چين جي صدر شي جن پنگ جا پيش ڪيل ”چار بنيادي اصول“ تمام گهڻا اهم آهن ۽ انهن تي عمل امن لاءِ لازمي آهي.








