ويٽيڪن سٽي- 17 سيپٽمبر (اي پي پي) پوپ ليو چيو آهي ته وچ اوڀر ۾ تازا تڪرار يهودين ۽ عيسائين وچ ۾ رابطن لاءِ هڪ آزمائش ثابت ٿيا آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق هن وڌيڪ چيو ته جاري تشدد بابت مختلف نظرين سبب ٻه طرفين ڳالهين تي دٻاءُ ته پيو آهي پر اهي ختم ناهن ٿيون. بين المذهبي ڳالهين لاءِ ڪيٿولڪ چرچ جي گذريل 60 سالن جي ڪوششن جي سلسلي ۾ …
وچ اوڀر جي تڪرارن سبب يهودي عيسائي رابطا متاثر ٿيا آهن: پوپ ليو
ويٽيڪن سٽي- 17 سيپٽمبر (اي پي پي) پوپ ليو چيو آهي ته وچ اوڀر ۾ تازا تڪرار يهودين ۽ عيسائين وچ ۾ رابطن لاءِ هڪ آزمائش ثابت ٿيا آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق هن وڌيڪ چيو ته جاري تشدد بابت مختلف نظرين سبب ٻه طرفين ڳالهين تي دٻاءُ ته پيو آهي پر اهي ختم ناهن ٿيون. بين المذهبي ڳالهين لاءِ ڪيٿولڪ چرچ جي گذريل 60 سالن جي ڪوششن جي سلسلي ۾ جاري ڪيل هڪ نئين فرمان ۾ پوپ يهود دشمني ۽ اسلام دشمني جي حوالي سان چرچ جي موقف جو ورجاءُ به ڪيو. ويٽيڪن جي ٽن اعليٰ آفيسن جي تيار ڪيل ۽ پوپ ليو جي منظوري سان جاري ڪيل فرمان ۾ چيو ويو آهي ته وچ اوڀر ۾ تازن سالن دوران شروع ٿيل تڪرارن يهودي-مسيحي ڳالهين تي پنهنجا اثر وڌا آهن. هن چيو ته رابطن جا ڪيترائي ذريعا متاثر ٿيا آهن. ان باوجود گڏيل ڪوششن ذريعي 60 سالن جي عرصي ۾ قائم ڪيل بين المذهبي ڳالهين جا ٿنب مضبوطي سان برقرار آهن ۽ ان ئي بنيادن تي اڳڀرائي جاري رکڻ ممڪن به آهي ۽ ضروري به. نئين فرمان ۾ وچ اوڀر جي ڪنهن مخصوص تڪرار جو ذڪر ناهي ڪيو ويو. پوپ ليو ان کان اڳ ايران سان جنگ تي تنقيد ڪري چڪو آهي جنهن سبب کيس سوشل ميڊيا تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ناراضگي کي منهن ڏيڻو پيو هو.








