او آءِ سي جي سيڪريٽريٽ پاران مڪه ريجن طرف ڊرون حملي جي ڪوشش جي مذمت

جده - 16 سيپٽمبر (اي پي پي) اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي جنرل سيڪريٽريٽ،  مڪه ريجن طرف ڊرون حملي جي ڪوشش ۽ سعودي عرب خلاف جاري جارحيت جي شديد مذمت ڪئي آهي. او آءِ سي جنرل سيڪريٽريٽ مطابق انهن حملن سان بيگناهه شهرين ۾ خوف ۽ هراس پکڙجي ٿو، مقدس هنڌن ۽ مسجدن جي حرمت پامال ٿيندي آهي ۽ سڄي دنيا جي مسلمانن جا جذبا مجروح ٿيندا آهن.  جنرل سيڪريٽريٽ …

جده – 16 سيپٽمبر (اي پي پي) اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي جنرل سيڪريٽريٽ،  مڪه ريجن طرف ڊرون حملي جي ڪوشش ۽ سعودي عرب خلاف جاري جارحيت جي شديد مذمت ڪئي آهي. او آءِ سي جنرل سيڪريٽريٽ مطابق انهن حملن سان بيگناهه شهرين ۾ خوف ۽ هراس پکڙجي ٿو، مقدس هنڌن ۽ مسجدن جي حرمت پامال ٿيندي آهي ۽ سڄي دنيا جي مسلمانن جا جذبا مجروح ٿيندا آهن.  جنرل سيڪريٽريٽ چيو ته مقدس هنڌن، مسجدن ۽ شهري بنيادي ڍانچي خلاف ڪارروائيون دهشتگردي جي زمري ۾ اينديون آهن، جيڪي اسلامي قدرن سان گڏوگڏ عالمي اصولن، ضابطن ۽ قانون سان به ٽڪراءَ ۾ آهن. بيان ۾ ان ڳالهه تي زور ڀريو ويو آهي ته مقدس هنڌن جي حرمت جي ڀڃڪڙي ناقابل قبول آهي. بيان ۾ سعودي عرب سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪندي مقدس هنڌن جي حرمت، مسلمانن جي جانين جي تحفظ ۽ سعودي عرب جي سلامتي ۽ خودمختياري جي دفاع لاءِ مملڪت طرفان کنيل سمورن قدمن جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو ويو آهي. 

مزید خبریں