اسپيس ايڪس جي اسٽار شپ جي پهرين مداري آزمائشي اڏام 22 سيٽمبر تي ڪرڻ جو هدف

واشنگٽن _16 سيٽمبر (اي پي پي) آمريڪي خلائي ڪمپني اسپيس ايڪس چيو آهي ته هو پنهنجي ايندڙ اسٽارشپ آزمائشي اڏام 22 سيٽمبر تي يا ان بعد جلد لانچ ڪرڻ جي تياري ڪري رهيو آهي ، جنهن جو مقصد پهريون ڀيرو خلائي جهاز کي مدار ۾ موڪلڻ ۽ اسٽارلنڪ وي 3 سيٽلائٽس کي خلا ۾ پهچائڻ آهي . پرڏيهي ميڊيا مطابق اسٽارشپ جي 14 هين آزمائشي اڏام راڪيٽ جي تياري ۾ …

واشنگٽن _16 سيٽمبر (اي پي پي) آمريڪي خلائي ڪمپني اسپيس ايڪس چيو آهي ته هو پنهنجي ايندڙ اسٽارشپ آزمائشي اڏام 22 سيٽمبر تي يا ان بعد جلد لانچ ڪرڻ جي تياري ڪري رهيو آهي ، جنهن جو مقصد پهريون ڀيرو خلائي جهاز کي مدار ۾ موڪلڻ ۽ اسٽارلنڪ وي 3 سيٽلائٽس کي خلا ۾ پهچائڻ آهي . پرڏيهي ميڊيا مطابق اسٽارشپ جي 14 هين آزمائشي اڏام راڪيٽ جي تياري ۾ جولاءِ ۾ ٿيندڙ آخري آزمائشي اڏام جي مقابلي ۾ هڪ اهم اڳڀرائي هوندي، جنهن ۾ خلائي جهاز زمين تي واپس اچڻ کان اڳ مخصوص مداري رستو اختيار ڪندي خلا تائين سفر ڪيو هو. پر ان زمين جي چوڌاري مدار مڪمل نه ڪيو هو . ڪمپني جو منصوبو اسٽار شپ کي زمين جي چوڌاري مدار ۾ پهچائڻ آهي، جنهن سان ڊگهي وقت جي اڏام دوران خلائي جهاز جي آزامائش ۽ اسٽارلنڪ وي 3 سيٽلائيٽ جي پهرين کيپ خلا ۾ موڪلڻ جو رستو هموار ٿيندو . ريگوليٽري منظوري سان مشروط اها مشن اٽڪل 10 ڪلاڪ جاري رهڻ جي توقع آهي، جنهن دوران اسٽار شپ زمين کان اٽڪل 275 ڪلوميٽرن جي بلندي تي اڏام ڪندو ۽ چلي جي اولهه ۾ ماٺي سمنڊ ۾ وڃڻ کان اڳ اٽڪل 6 چڪر مڪمل ڪندو . اسپيس ايڪس جو منصوبو بوسٽر جي لانچ ، عليحدگي، واپس اچڻ ۽ سمنڊ ۾ لهڻ جي مرحلي جي آزمائش ڪرڻ آهي، جنهن سان ڪمپني مڪمل طور تي ٻيهر استعمال جوڳي آربٽل لانچ سسٽم تيار ڪرڻ جي پنهنجي هدف ويجهو پهچي سگهندي.

مزید خبریں