ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب جي انٽرنيشنل فوڊ اسٽفس ڪمپني جي وفد سان ملاقات

اسلام آباد - 14 سيپٽمبر (اي پي پي) ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ پراڻي ۽ اسٽريٽجڪ نوعيت جا لاڳاپا قائم آهن، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي اقتصادي ۽ سيڙپڪاري تعاون ۾ وڌيڪ استحڪام ايندو. هن اها ڳالهه سومر ڏينهن هتي انٽرنيشنل فوڊ اسٽفس ڪمپني جي وفد سان ملاقات ۾ چئي جنهن جي قيادت آءِ …

اسلام آباد – 14 سيپٽمبر (اي پي پي) ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ پراڻي ۽ اسٽريٽجڪ نوعيت جا لاڳاپا قائم آهن، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي اقتصادي ۽ سيڙپڪاري تعاون ۾ وڌيڪ استحڪام ايندو. هن اها ڳالهه سومر ڏينهن هتي انٽرنيشنل فوڊ اسٽفس ڪمپني جي وفد سان ملاقات ۾ چئي جنهن جي قيادت آءِ ايف ايف سي او جي گلوبل گروپ ڊائريڪٽر عبدالغني عبدالله ۽ آءِ ايف ايف سي او پاڪستان جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ارشدالدين احمد ڪئي. اجلاس ۾ آءِ ايف ايف سي او پاڪستان جي چيف فنانشل آفيسر محمد جواد، گڏيل عرب امارات جي سفارتخاني جي هيڊ آف پروٽوڪول ڊپارٽمينٽ خليل احمد اعواڻ ۽ سفارتخاني جي اڪنامڪ ريسرچر ڪنول عاصم پڻ شرڪت ڪئي. ناڻي واري وفاقي وزير آءِ ايف ايف سي او جي وفد جي آجيان ڪئي ۽ پاڪستان جي غذائي ۽ مينوفيڪچرنگ شعبن ۾ ڪمپني جي ڊگهي عرصي کان جاري سيڙپڪاري ۽ خدمتن کي ساراهيو. هن پاڪستان سان آءِ ايف ايف سي او جي مسلسل رابطي ۽ مقامي روزگار، مينوفيڪچرنگ ۽ لاڳاپيل صنعتن جي فروغ ۾ ڪمپني جي ڪردار جي پڻ تائيد ڪئي. عبدالغني عبدالله ناڻي واري وفاقي وزير کي آءِ ايف ايف سي او گروپ جي عالمي آپريشنز ۽ پاڪستان سان ان جي ڊگهي مدي واري رابطن بابت بريفنگ ڏني. هن ٻڌايو ته گروپ وڏي غذائي مصنوعات تيار ڪندڙ اداري جي طور تي ڪم ڪري رهيو آهي ۽ کاڄرو تيل، زراعت ۽ خوراڪ بابت ٻين شعبن ۾ سرگرميون جاري رکيون آهن. هن چيو ته پاڪستان آءِ ايف ايف سي او جي لاءِ هڪ اهم مارڪيٽ آهي ۽ گروپ ملڪ ۾ وڌيڪ سيڙپڪاري ۽ ڪاروباري سرگرمين کي سگهه ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. ناڻي واري وفاقي وزير پاڪستان ۾ وڌيڪ سيڙپڪاري ۽ ڪاروباري سرگرمين کي سگهه ڏيڻ ۾ آءِ ايف ايف سي او جي دلچسپي جي آجيان ڪئي ۽ وفد کي حڪومت پاران مسلسل تعاون جي خاطري ڪرائي. هن موجوده سيڙپڪارن کي سهولت فراهم ڪرڻ ۽ اهڙي ڪاروباري ماحول جي جوڙجڪ جي اهميت تي زور ڏنو جيڪو نئين سيڙپڪاري، صنعتي ترقي، روزگار ۽ ملڪ جي اندر وڌيڪ ويليو ايڊيشن جي حوصلا افزائي ڪري. ناڻي واري وفاقي وزير ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي ۽ واپاري رابطن جي فروغ جي لاءِ گڏيل عرب امارات جي سفارتخاني پاران فراهم ڪيل تعاون ۽ سهولتڪاري کي پڻ ساراهيو. هن پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ پراڻي ۽ اسٽريٽجڪ نوعيت جي لاڳاپن تي زور ڏيندي ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته ٻطرفو اقتصادي ۽ سيڙپڪاري تعاون وڌيڪ مستحڪم ٿيندو.

مزید خبریں