ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب جي صدارت ۾ سرڪاري ملڪيتي ادارن بابت ڪابينا ڪميٽي جو اجلاس

اسلام آباد - 14 سيپٽمبر (اي پي پي) منافعو ڪمائيندڙ سرڪاري ملڪيتي ادارن گذريل مالي سال جي پهرين ڇهه ماهي ۾ مجموعي طور تي 423.3 ارب رپين جو منافعو حاصل ڪيو، خساري ۾ هلندڙ سرڪاري ملڪيتي ادارن جو مجموعي نقصان 342.8 ارب رپيا رهيو. اها ڳالهه سرڪاري ملڪيتي ادارن بابت ڪابينا ڪميٽي جي اجلاس ۾ چئي وئي. اجلاس سومر ڏينهن هتي ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب …

اسلام آباد – 14 سيپٽمبر (اي پي پي) منافعو ڪمائيندڙ سرڪاري ملڪيتي ادارن گذريل مالي سال جي پهرين ڇهه ماهي ۾ مجموعي طور تي 423.3 ارب رپين جو منافعو حاصل ڪيو، خساري ۾ هلندڙ سرڪاري ملڪيتي ادارن جو مجموعي نقصان 342.8 ارب رپيا رهيو. اها ڳالهه سرڪاري ملڪيتي ادارن بابت ڪابينا ڪميٽي جي اجلاس ۾ چئي وئي. اجلاس سومر ڏينهن هتي ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب جي صدارت ۾ ٿيو. اجلاس ۾ سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير جنيد انوار چوڌري پڻ شرڪت ڪئي. ڪميٽي مالي سال 26 – 2025ع جي پهرين ڇهه ماهي جي لاءِ وفاقي سرڪاري ملڪيتي ادارن جي ڇهه ماهي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو. اهو جائزو وفاقي سرڪاري ملڪيتي ادارن جي پورٽ فوليو ۾ شفافيت، احتساب ۽ ڪارڪردگي کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي لاءِ حڪومت جي جاري ڪوششن جو حصو آهي. ناڻي واري وزارت جي سينٽرل مانيٽرنگ يونٽ مالي ۽ عملي ڪارڪردگي، منافعي ۽ نقصانن، مالياتي وهڪري، منظور ٿيل ڪاروباري منصوبن تي عملدرآمد، انتظامي معاملن، مالياتي رپورٽنگ ۽ اهم ڪارڪردگي هدفن جي مقابلي ۾ اڳڀرائي جو احاطو ڪندي تفصيلي جائزو پيش ڪيو. ڪميٽي کي ٻڌايو ويو ته منافعو ڪمائيندڙ سرڪاري ملڪيتي ادارن جولاءِ کان ڊسمبر 2025ع دوران مجموعي طور تي 423.3 ارب رپين جو منافعو حاصل ڪيو جڏهن ته خساري ۾ هلندڙ سرڪاري ملڪيتي ادارن جو مجموعي نقصان 342.8 ارب رپيا رهيو، ڪارڪردگي مان واضح ٿيو آهي ته سرڪاري ملڪيتي ادارن جي پورٽ فوليو جي ڪيترن ئي حصن ۾ نمايان بهتري اچي رهي آهي جڏهن ته گهٽ ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ ادارن ۾ سڌارن جي مسلسل قدمن ۽ ڍانچاجاتي سڌارن جي ضرورت پڻ اجاگر ٿي. ڪميٽي کي ٻڌايو ويو ته سرڪاري ملڪيتي ادارن جي لاءِ حڪومتي معاونت 804 ارب رپيا رهي جڏهن ته سرڪاري ملڪيتي ادارن پاران حڪومت کي 839 ارب رپين جون ادائيگيون ڪيون ويون جنهن جي نتيجي ۾ ان عرصي دوران حڪومت جي حق ۾ 35 ارب رپين جو مثبت نج مالياتي وهڪرو رهيو. ڪميٽي قرار ڏنو ته واپاري ڪارڪردگي ۾ بهتري، مالياتي نظم ۽ ضبط جو استحڪام ۽ سرڪاري معاونت تي دارومدار ۾ لاڳيتو گهٽتائي حڪومت جي سرڪاري ملڪيتي ادارن ۾ سڌارن جي ايجنڊا جي بنياي مقصدن ۾ شامل آهي، جائزي ۾ اهڙن شعبن جي پڻ نشاندهي ڪئي وئي جن تي مسلسل ڌيان جي ضرورت آهي جن ۾ گردشي قرض ۽ ٻيا مالياتي خطرا، توانائي ۽ بنيادي ڍانچي جي شعبن جي ڪجهه حصن ۾ عملي ڪمزوريون، ڪارپوريٽ گورننس ۾ موجود خاميون ۽ بورڊ جي موثريت ۽ احتساب کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت شامل آهي. ڪميٽي منظور ٿيل ڪاروباري منصوبن تي مسلسل عملدرآمد، قابل پيمائش ڪارڪردگي هدفن، عملي ڪارڪردگي ۾ بهتري ۽ گهٽ ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ ادارن ۾ وقت سر سڌاراجاتي قدمن تي زور ڏنو. شفافيت ۽ انگن اکرن تي ٻڌل طرز حڪمراني تي حڪومت جي ڌيان تحت ڪميٽي کي سرڪاري ملڪيتي ادارن جي لاءِ مرڪزي مانيٽرنگ يونٽ جي ٺوس ڊيجيٽل رپورٽنگ ۽ تجزياتي پليٽ فارم جو عملي مظاهرو پڻ پيش ڪيو ويو.

مزید خبریں