راولپنڊي - 14 سيپٽمبر (اي پي پي) چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير لبنان سان ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ گڏيل مفاد تي ٻڌل تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. سومر ڏينهن پاڪ فوج جي عوامي لاڳاپن واري شعبي پاران جاري بيان موجب چيف …
فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان لبناني گهرو وزير جي ملاقات، لبنان سان ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ

مزید خبریں
راولپنڊي – 14 سيپٽمبر (اي پي پي) چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير لبنان سان ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ گڏيل مفاد تي ٻڌل تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. سومر ڏينهن پاڪ فوج جي عوامي لاڳاپن واري شعبي پاران جاري بيان موجب چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان لبنان جي گهرو معامن ۽ بلديات واري وزير احمد الحجار پاڪستان جي ٻن ڏينهن جي دوري دوران جي ايڇ ڪيو ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻنهي شخصيتن گڏيل دلچسپي جي معاملن، خطي جي بدلجندڙ سيڪيورٽي صورتحال ۽ سيڪيورٽي جي شعبي ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي امڪانن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ ٻنهي ملڪن جي سيڪيورٽي ادارن جي وچ ۾ اداراجاتي رابطن کي مضبوط بڻائڻ ۽ وڌيڪ تعاون جي فروغ جي اهميت تي پڻ زور ڏنو ويو. چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز لبنان سان ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ گڏيل مفاد تي ٻڌل تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. لبنان جي معزز مهمان علائقائي امن ۽ استحڪام جي لاءِ پاڪستان جي خدمتن کي ساراهيو ۽ دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پاڪ فوج جي پيشيواراڻي صلاحيتن ۽ قربانين جو اعتراف ڪيو.










