وزيراعظم محمد شهباز شريف سان لبنان جي گهرو معاملن ۽ بلديات واري وزير احمد الحجار جي ملاقات، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پراڻي ڀائراڻي لاڳاپن جي اهميت تي زور ڏنو ويو

اسلام آباد - 14 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان لبنان جي گهرو معاملن ۽ بلديات واري وزير احمد الحجار سومر ڏينهن ملاقات ڪئي، وزيراعظم لبناني گهرو وزير جي آجيان ڪندي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پراڻي ڀائراڻي لاڳاپن جي اهميت تي زور ڏنو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، گهرو معاملن وارو وفاقي وزير …

اسلام آباد – 14 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان لبنان جي گهرو معاملن ۽ بلديات واري وزير احمد الحجار سومر ڏينهن ملاقات ڪئي، وزيراعظم لبناني گهرو وزير جي آجيان ڪندي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پراڻي ڀائراڻي لاڳاپن جي اهميت تي زور ڏنو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، گهرو معاملن وارو وفاقي وزير سيد محسن رضا نقوي، هائوسنگ وارو وفاقي وزير رياض حسين پيرزاده ۽ گهرو معاملن وارو مملڪتي وزير طلال چوڌري پڻ ان موقعي تي موجود هئا. وزيراعظم لبناني گهرو وزير جي آجيان ڪندي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پراڻي ڀائراڻي لاڳاپن جي اهميت تي زور ڏنو. هن لبناني قيادت جي لاءِ نيڪ خواهشن جو پڻ اظهار ڪيو. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ لبنان جي ٻطرفي لاڳاپن ۽ گڏيل تعاون جو جائزو ورتو ويو. ٻنهي طرفن کان گهرو معاملن ۽ سيڪيورٽي جي شعبن ۾ وڌندڙ تعاون تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو. وزيراعظم لبنان جي خلاف اسرائيلي جارحيت جي شديد ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي. هن اسرائيلي حملن جي نتيجي ۾ قيمتي انساني جانين ۽ ملڪيتن جي نقصان تي گهري همدرديءَ ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. وزيراعظم مشڪل وقت ۾ پاڪستاني حڪومت ۽ عوام پاران لبناني قيادت ۽ عوام سان ڀرپور يڪجهتي جو ورجاءُ ڪيو. هن لبنان جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي لاءِ پاڪستان جي مستقل حمايت جو پڻ يقين ڏياريو. لبناني گهرو وزير وزيراعظم پاران شاندار استقبال تي ٿورا ادا ڪيا ۽ پاڪستان سان ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لبنان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. بعد ۾ وزيراعظم پاڪستان ۽ لبنان جي وچ ۾ سزا يافته ماڻهن جي منتقلي بابت مفاهمتي يادداشت تي صحيحن واري تقريب ۾ پڻ شرڪت ڪئي. ان مفاهمتي يادداشت تي پاڪستان ۽ لبنان جي لاڳاپيل گهرو وزيرن صحيحون ڪيون. ان مفاهمتي يادداشت تحت سزا يافته شهرين کي پنهنجي باقي رهيل سزا پنهنجي ملڪ ۾ مڪمل ڪرڻ جي لاءِ قانوني طريقيڪار فراهم ڪيو ويو آهي.

مزید خبریں