اسلام آباد - 14 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پاڪستان ۽ لبنان جي وچ ۾ لاڳاپن خاص طور تي داخلي سلامتي، قانون لاڳو ڪرڻ ۽ منشيات جي خاتمي جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي زور ڏنو آهي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار صدر لبنان جي گهرو معاملن ۽ بلديات واري وزير احمد الحجار سان ڳالهائيندي ڪيو …
صدر آصف علي زرداري سان لبناني گهرو وزير احمد الحجار جي ملاقات، سيڪيورٽي ۽ قانون لاڳو ڪرڻ جي شعبن ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون کي مضبوط بڻائڻ تي زور

مزید خبریں
اسلام آباد – 14 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پاڪستان ۽ لبنان جي وچ ۾ لاڳاپن خاص طور تي داخلي سلامتي، قانون لاڳو ڪرڻ ۽ منشيات جي خاتمي جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي زور ڏنو آهي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار صدر لبنان جي گهرو معاملن ۽ بلديات واري وزير احمد الحجار سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن سومر ڏينهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. هن لبنان جي خودمختياري، آزادي، اتحاد ۽ علائقائي سالميت جي لاءِ پاڪستان جي اصولي حمايت جو ورجاءُ ڪندي چيو ته پاڪستان ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي، پائيدار امن ۽ تڪرارن جي حل لاءِ سفارتي ڪوششن، ڳالهه ٻولهه ۽ عالمي قانون موجب قدمن جي حمايت ڪري ٿو. صدر لبنان ۽ وسيع تر وچ اوڀر ۾ جاري عدم استحڪام ۽ ڇڪتاڻ، خاص طور تي ان جي انساني ۽ سلامتي جي اثرن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. صدر آصف علي زرداري ڏوهن جي معاملن ۾ حوالگي ۽ گڏيل قانوني معاونت ۾ وڌيڪ تعاون جي ڳولا جي ضرورت تي زور ڏنو، جڏهن ته آفتن جي لاءِ تياري، هنگامي ردعمل، شهري ڳولا ۽ بچاءُ، هنگامي مواصلات ۽ انساني لاجسٽڪس ۾ مهارت جي مٽاسٽا تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن اميد ظاهر ڪئي ته هي رابطو پاڪستان – لبنان تعاون کي نئين رفتار فراهم ڪندو ۽ پائيدار تعاون جي لاءِ مضبوط بنياد قائم ڪندو. لبنان جي گهرو وزير احمد الحجار لبنان جي لاءِ پاڪستان جي حمايت ۽ خطي ۾ پاڪستان جي ڪردار جي واکاڻ ڪئي. هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ خاص طور تي سيڪيورٽي ۽ قانون لاڳو ڪرڻ جي شعبن ۾ تعاون کي مضبوط بڻائڻ جي اهميت تي زور ڏنو. لبناني وزير سان گڏ پاڪستان ۾ لبنان جو سفير عبدالعزيز عيسى، ميجر جنرل رائد عبدالله، ڊائريڪٽر جنرل، داخلي سيڪيورٽي فورسز ۽ برگيڊيئر جنرل سامي ناصف، برگيڊيئر جنرل محمود ڪبروسلي پڻ هئا. ان موقعي تي وفاقي گهرو وزير سيد محسن رضا نقوي، گهرو معاملن ۽ منشيات جي خاتمي وارو ممملڪتي وزير سينيٽر طلال چوڌري ۽ سينيٽر سليم مانڊوي والا پڻ موجود هئا.











