وزيراعظم فيول ريليف اسڪيم: پيٽرول تي 100 رپيا في ليٽر سبسڊي جو خودڪار طريقيڪار جاري، جعلسازي روڪڻ جي لاءِ 4 تصديقي چيڪس جا تفصيل واضح

اسلام آباد - 14 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي خصوصي هدايت تي انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن واري وزارت نادرا، صوبائي ايڪسائيز ڊپارٽمينٽس ۽ ٽيلي ڪام آپريٽرز جي حصيداري سان پيٽرول ريليف اسڪيم جو جامع ۽ خودڪار ڊيجيٽل سسٽم فعال ڪري ڇڏيو آهي. اسڪيم تحت موٽرسائيڪل، رڪشا ۽ چنگچي جي لاءِ ماهوار 20 ليٽر جڏهن ته 800 سي سي تائين گاڏين جي لاءِ ماهوار 30 ليٽر …

اسلام آباد – 14 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي خصوصي هدايت تي انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن واري وزارت نادرا، صوبائي ايڪسائيز ڊپارٽمينٽس ۽ ٽيلي ڪام آپريٽرز جي حصيداري سان پيٽرول ريليف اسڪيم جو جامع ۽ خودڪار ڊيجيٽل سسٽم فعال ڪري ڇڏيو آهي. اسڪيم تحت موٽرسائيڪل، رڪشا ۽ چنگچي جي لاءِ ماهوار 20 ليٽر جڏهن ته 800 سي سي تائين گاڏين جي لاءِ ماهوار 30 ليٽر پيٽرول تي في ليٽر 100 رپين جي سبسڊي ڏني ويندي، جنهن جي باقاعده شروعات اسلام آباد ۾ سومر ۽ اڱاري جي وچ واري رات 12 وڳي کان ۽ سڄي ملڪ ۾ اربع ۽ خميس جي وچ واري رات 12 وڳي کان ٿي رهي آهي.  آءِ ٽي واري وزارت شفافيت قائم رکڻ ۽ جعلسازي جي مڪمل خاتمي جي لاءِ رجسٽريشن ۾ چار بنيادي معلومات گهرڻ جا سبب واضح ڪيا آهن. شهري جي پنهنجي سڃاڻپ ڪارڊ تي رجسٽرڊ سِم ۽ سي اين آءِ سي جي هڪ جهڙائي ان جي لاءِ لازمي آهي ته جيئن ڪو شخص ٻئي جي نالي تي فيول ٽوڪن چوري نه ڪري سگهي. گاڏي جي نمبر پليٽ ۽ رجسٽريشن جي صوبي جي داخلا ان لاءِ ضروري آهي ڇو ته هر صوبي ۽ خطي جو ايڪسائيز رڪارڊ جدا آهي جڏهن ته رجسٽريشن جي تاريخ گهرڻ جو مقصد اهو يقيني بڻائڻ آهي ته گاڏي جا اصل دستاويز درخواستگذار وٽ موجود آهن ۽ هو مالڪ جي باضابطا اجازت سان ان کي هلائي رهيو آهي، جنهن سان رستي تي هلندڙ گاڏين جي جعلي داخلا جو رستو سدائين جي لاءِ بند ٿي ويو آهي. اسڪيم مان فائدو کڻڻ جي لاءِ شهري پنهنجي نالي تي رجسٽرڊ سِم تان آر اي جي لکي اسپيس ڏي، پوءِ بنا ڊيش جي سڃاڻپ ڪارڊ نمبر، بنا اسپيس گاڏي جو نمبر، صوبائي ڪوڊ (مثال طور اسلام آباد جي لاءِ آءِ، پنجاب جي لاءِ پي، سنڌ جي لاءِ ايس، خيبرپختونخواهه جي لاءِ ڪي، بلوچستان جي لاءِ بي، آزاد ڪشمير جي لاءِ اي ۽ جي بي جي لاءِ جي ۽ رجسٽريشن جي تاريخ انگن ۾ لکي 9771 تي ايس ايم ايس موڪلي. تصديقي پيغام ملڻ کانپوءِ شهري جڏهن به ٻارڻ وجهرائڻ چاهيندو، هو پمپ وڃڻ کان اڳ 9771 تي ٽي او ڪي لکي موڪليندو ۽ موصول ٿيندڙ ٽوڪن پمپ تي ڏيکاري في ليٽر 100 رپين جي فوري رعايت حاصل ڪري سگهندو. وزارت عوام کي آگاهه ڪيو آهي ته بائيڪ صارف کي 5 ليٽر جي ٽوڪن تي ميٽر جي مجموعي بل مان 500 رپيا ۽ ڪار صارف کي 10 ليٽر جي ٽوڪن تي 1000 رپيا گهٽ ادا ڪرڻا پوندا. شهرين کي تنبيهه ڪئي وئي آهي ته حڪومت ان عمل جي ڪا فيس يا اضافي بئنڪ ڊيٽا طلب نه ٿي ڪري، ان جي لاءِ مشڪوڪ پيغامن يا لنڪس کي نظرانداز ڪن. پيٽرول پمپس تي ٽيڪنيڪي مسئلن جي ازالي جي لاءِ جدا هيلپ لائين، وزارت ۾ 24 ڪلاڪ فعال ڪنٽرول روم ۽ پمپس تي مئجسٽريٽس مقرر ڪيا ويا آهن ته جيئن ڪمزور ۽ پورهيت طبقي کي بنا رڪاوٽ ريليف جي فراهمي يقيني بڻائي سگهجي.

مزید خبریں