اسلام آباد - 14 سيپٽمبر (اي پي پي) مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وزارت جي ترجمان چيو آهي ته حج 2027ع لاءِ پرائيويٽ حج اسڪيم تحت بڪنگ جو عمل ”پاڪ حج ايپ“ ۽ حج پورٽل ذريعي جاري آهي جڏهن ته هن وقت تائين 7000 کان وڌيڪ حج جي خواهشمندن جي بڪنگ مڪمل ٿي چڪي آهي. ترجمان موجب پرائيويٽ حج اسڪيم تحت مجموعي طور 64 هزار حج سيٽون …
حج 2027ع لاءِ پرائيويٽ حج اسڪيم تحت بڪنگ جو عمل ”پاڪ حج ايپ“ ۽ حج پورٽل ذريعي جاري

مزید خبریں
اسلام آباد – 14 سيپٽمبر (اي پي پي) مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وزارت جي ترجمان چيو آهي ته حج 2027ع لاءِ پرائيويٽ حج اسڪيم تحت بڪنگ جو عمل ”پاڪ حج ايپ“ ۽ حج پورٽل ذريعي جاري آهي جڏهن ته هن وقت تائين 7000 کان وڌيڪ حج جي خواهشمندن جي بڪنگ مڪمل ٿي چڪي آهي. ترجمان موجب پرائيويٽ حج اسڪيم تحت مجموعي طور 64 هزار حج سيٽون هن وقت تائين دستياب آهن. جڏهن ته بڪنگ جي آخري تاريخ 20 نومبر 2026ع مقرر ڪئي وئي آهي. حج جا خواهشمند مقرره تاريخ تائين پنهنجي پسند جي حج پئڪيج جي چونڊ ڪري بڪنگ مڪمل ڪري سگهن ٿا. ترجمان ٻڌايو ته پرائيويٽ حج اسڪيم تحت 25 منظم ڪمپنين حج جي خواهشمندن لاءِ 2 هزار کان وڌيڪ مختلف حج پئڪيجز متعارف ڪرايا آهن، جن ۾ مختلف وقت ۽ سهولتن وارا پئڪيجز شامل آهن. حج پورٽل ذريعي هن وقت تائين 25 منظم ڪمپنين کي 6 ارب 88 ڪروڙ رپين جي رقم ملي چڪي آهي. ترجمان حج جي خواهشمندن کي خبردار ڪندي چيو آهي، ته پرائيويٽ حج جي بڪنگ ۽ بقايائن جي ادائگي رڳو پاڪ حج ايپ ۽ سرڪاري حج پورٽل ذريعي ئي ڪئي وڃي. عوام ڪنهن ماڻهو، ايجنٽ يا ڪمپني کي پورٽل کان علاوه ڪنهن ٻئي ذريعي سان حج بقايائون جمع نه ڪرائي. ترجمان چيو ته حج پانڌيئڙا ڪنهن به فراڊ يا جعل سازي کان محفوظ رهڻ لاءِ حج پئڪيج ۽ ادائگي جا سمورا مرحلا سرڪاري نظام ذريعي مڪمل ڪن ۽ غير مجاز ماڻهن يا ذريعن کي رقم فراهم ڪرڻ کان پاسو ڪن.










