اسلام آباد - 14 سيپٽمبر (اي پي پي) ٽريڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي پاڪستان (ٽي ڊي اي پي) چيو آهي، ته عمان ۾ رٿيل عالمي واپاري نمائش ”عمان ايگرو فوڊ شو“ ۾ شرڪت لاءِ 18 سيپٽمبر تائين درخواستون جمع ڪرائي سگهجن ٿيون. ٽي ڊي اي پي مطابق نمائش پهرين کان 3 ڊسمبر تائين جاري رهندي. نمائش ۾ چانور، تر، گوشت، ميون، ڀاڄين، پنڪ سالٽ، ڊيري مصنوعات، فروزن فوڊ، سي فوڊ ۽ فاسٽ فوڊ …
عمان ۾ رٿيل عالمي واپاري نمائش ۾ شرڪت لاءِ درخواستون 18 سيپٽمبر تائين طلب

مزید خبریں
اسلام آباد – 14 سيپٽمبر (اي پي پي) ٽريڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي پاڪستان (ٽي ڊي اي پي) چيو آهي، ته عمان ۾ رٿيل عالمي واپاري نمائش ”عمان ايگرو فوڊ شو“ ۾ شرڪت لاءِ 18 سيپٽمبر تائين درخواستون جمع ڪرائي سگهجن ٿيون. ٽي ڊي اي پي مطابق نمائش پهرين کان 3 ڊسمبر تائين جاري رهندي. نمائش ۾ چانور، تر، گوشت، ميون، ڀاڄين، پنڪ سالٽ، ڊيري مصنوعات، فروزن فوڊ، سي فوڊ ۽ فاسٽ فوڊ سان لاڳاپيل پاڪستاني ماڻهو ۽ ادارا پنهنجون مصنوعات عالمي خريدارن سامهون پيش ڪرڻ سان گڏوگڏ پنهنجا ڪاروباري معاملا طئي ڪري سگهندا. نمائش جي حوالي سان وڌيڪ تفصيل اٿارٽي جي ويب سائيٽ تان حاصل ڪري سگهجن ٿا.










