اسلام آباد - 14 سيپٽمبر (اي پي پي) ملڪ ۾ سيمينٽ جي رٽيل قيمت ۾ گذريل هفتي دوران گڏيل رجحان رهيو. وفاقي شمارياتي اداري جي انگن اکرن مطابق 10 سيپٽمبر تي ختم ٿيل هفتي ۾ ملڪ جي اترئين شهرن ۽ علائقن ۾ سيمنٽ جي في ٻوري جي سراسري رٽيل قيمت 1547 روپيا رڪارڊ ڪئي وئي جيڪا ان کان گذريل هفتي جي ڀيٽ ۾ 0.49 سيڪڙو گهٽ آهي. اهڙي طرح 10 …
سيمينٽ جي رٽيل قيمت ۾ گذريل هفتي دوران گڏيل رجحان رڪارڊ

مزید خبریں
اسلام آباد – 14 سيپٽمبر (اي پي پي) ملڪ ۾ سيمينٽ جي رٽيل قيمت ۾ گذريل هفتي دوران گڏيل رجحان رهيو. وفاقي شمارياتي اداري جي انگن اکرن مطابق 10 سيپٽمبر تي ختم ٿيل هفتي ۾ ملڪ جي اترئين شهرن ۽ علائقن ۾ سيمنٽ جي في ٻوري جي سراسري رٽيل قيمت 1547 روپيا رڪارڊ ڪئي وئي جيڪا ان کان گذريل هفتي جي ڀيٽ ۾ 0.49 سيڪڙو گهٽ آهي. اهڙي طرح 10 سيپٽمبر تي ختم ٿيل هفتي ۾ ملڪ جي ڏاکڻن شهرن ۽ علائقن ۾ سيمينٽ جي في ٻوري جي سراسري رٽيل قيمت 1547 روپيا رڪارڊ ڪئي وئي جيڪا ان کان گذريل هفتي جي ڀيٽ ۾ 0.43 سيڪڙو وڌيڪ آهي. انگن اکرن مطابق گذريل هفتي دوران اسلام آباد ۾ سيمينٽ جي في ٻوري جي سراسري رٽيل قيمت 1508 رپيا رڪارڊ ڪئي وئي. اهڙي طرح گذريل هفتي دوران ڪراچي ۾ سيمينٽ جي في ٻوري جي سراسري رٽيل قيمت 1470 روپيا، حيدرآباد 1519 روپيا، سکر 1610 روپيا، لاڙڪاڻو 1523 روپيا رڪارڊ ڪئي وئي.










