هانگ ڪانگ- 13 سيپٽمبر(اي پي پي) واپار جي وفاقي وزير ڄام ڪمال خان هانگ ڪانگ جنرل چيمبر آف ڪامرس جو دورو ڪيو جتي هن چيمبر جي چيئرمين ۽ نمايان ڪاروباري نمائندن سان ملاقات ڪئي ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڪاروباري سطح تي مضبوط رابطن، واپار، سيڙپڪاري ۽ اقتصادي سهڪار وڌائڻ جي حوالي سان ڳالهيون ڪيون. واپار واري وزارت موجب وفاقي وزير دوري دوران هانگ ڪانگ ۾ رهندڙ پاڪستاني برادري جي اهم …
واپار جي وفاقي وزير پاران هانگ ڪانگ جنرل چيمبر آف ڪامرس جو دورو

مزید خبریں
هانگ ڪانگ- 13 سيپٽمبر(اي پي پي) واپار جي وفاقي وزير ڄام ڪمال خان هانگ ڪانگ جنرل چيمبر آف ڪامرس جو دورو ڪيو جتي هن چيمبر جي چيئرمين ۽ نمايان ڪاروباري نمائندن سان ملاقات ڪئي ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڪاروباري سطح تي مضبوط رابطن، واپار، سيڙپڪاري ۽ اقتصادي سهڪار وڌائڻ جي حوالي سان ڳالهيون ڪيون. واپار واري وزارت موجب وفاقي وزير دوري دوران هانگ ڪانگ ۾ رهندڙ پاڪستاني برادري جي اهم شخصيتن سان پڻ ملاقاتون ڪيون. ان موقعي تي ٻنهي ملڪن جي ڪاروباري برادرين وچ ۾ سڌي ريت رابطن کي هٿي ڏيڻ جي حوالي سان ڳالهيون ڪيون ويون. ملاقات دوران ان ڳالهه تي روشني وڌي وئي ته پاڪستان، هانگ ڪانگ جي خدمتن جي شعبي (سروسز سيڪٽر) خاص طور تي ماليت، هوا بازي ۽ ڊجيٽل ٽيڪنالاجي ۾ مهارت ذريعي ڪئين فائدو حاصل ڪري سگهي ٿو. ڌرين گڏيل سهڪار کي هٿي وٺائڻ، رابطن کي مضبوط بڻائڻ ۽ ٽرانزٽ روٽس جي ترقي لاءِ ” بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو“ جي اهميت تي پڻ روشني وئي. وفاقي وزير نوان ڪاروباري موقعا ڳولهڻ لاءِ نمايان ڪاروباري اڳواڻن وچ ۾ باقاعده رابطن ۽ واپاري وفدن جي مٽاسٽا جي اهميت کي پڻ اجاگر ڪيو. بعد ۾ هن پاڪستان ڪلب ۾ منعقد آجياڻي ۾ شرڪت ڪئ جتي هن هانگ ڪانگ ۾ رهندڙ پاڪستاني برادري جي اهم ميمبرن ۽ ڪاروباري اڳواڻن سان ملاقاتون ڪيون. تقريب کي خطاب ڪندي هن ٻنهي ملڪن لاءِ پاڪستانين جي خدمتن جي واکاڻ ڪئي. هن چيو ته هانگ ڪانگ هڪ اهم عالمي مالياتي واپاري ۽ مواصلاتي مرڪز هجڻ جي ناطي پاڪستاني ڪاروباري ماڻهن ۽ پروفيشنل ماهرن لاءِ وسيع موقعا فراهم ڪري ٿو. وفاقي وزير پاڪستاني برادري تي زور ڀريو ته اها هانگ ڪانگ ۾ پنهنجي وسيع ڪاروباري رابطن ذريعي پاڪستان جي اقتصادي صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ، سيڙپڪارن جو ڌيان ڇڪائڻ ۽ حصيداريون قائم ڪرڻ ۾ فعال ڪردار ادا ڪندي رهي.










