اسلام آباد-13 سيپٽمبر(اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود خان جي صدارت هيٺ منعقد ٿيل اجلاس دوران وزيراعظم يوٿ پروگرام(پي ايم واءِ پي) ۽ يو اين وومين پاڪستان وچ ۾ مفاهمت جي ياداشت نامي تي صحيحون ڪيون ويون. پي ايم واءِ پي موجب مفاهمت جي ياداشت نامي جو مقصد پاڪستان ۾ عورتن کي بااختيار بڻائڻ، سندن قيادت کي هٿي وٺائڻ ۽ کين معاشرتي، اقتصادي ۽ عوامي زندگي …
وزيراعظم يوٿ پروگرام ۽ يو اين وومين پاڪستان وچ ۾ عورتن کي با اختيار بڻائڻ لاءِ مفاهمتي يادداشت تي صحيحون

مزید خبریں
اسلام آباد-13 سيپٽمبر(اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود خان جي صدارت هيٺ منعقد ٿيل اجلاس دوران وزيراعظم يوٿ پروگرام(پي ايم واءِ پي) ۽ يو اين وومين پاڪستان وچ ۾ مفاهمت جي ياداشت نامي تي صحيحون ڪيون ويون. پي ايم واءِ پي موجب مفاهمت جي ياداشت نامي جو مقصد پاڪستان ۾ عورتن کي بااختيار بڻائڻ، سندن قيادت کي هٿي وٺائڻ ۽ کين معاشرتي، اقتصادي ۽ عوامي زندگي ۾ اثرائتو ۽ بامعنيٰ ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ وڌيڪ موقعا فراهم ڪرڻ آهي. اجلاس ۾ پروگرام جي چيئرمين سميت ٻين اعليٰ اختيارين شرڪت ڪئي. مفاهمت جي ياداشت نامي تحت نوجوان عورتن جي قيادت، عورتن کي با اختيار بڻائڻ ۽ انهن کي برابر موقعا فراهم ڪرڻ سميت تجربن ۽ معلومات جي مٽاسٽا ڪئي ويندي، جڏهن ته ٻئي ادارا نوجوان عورتن لاءِ رهنمائي، نيٽ ورڪنگ، قيادت جي سکيا ۽ پيشوراڻا موقعا پيدا ڪرڻ لاءِ به سهڪار ڪندا.










