سيپٽمبر 1965ع جي جنگ جو 13 هون ڏينهن، ڀارتي حڪومت صحافين کي جنگي علائقن ۾ وڃن ۽ رپورٽنگ کان روڪي ڇڏيو

اسلام آباد- 13 سيپٽمبر (اي پي پي) سيپٽمبر 1965ع جي جنگ جي 13 هين ڏينهن ڀارتي حڪومت صحافين کي جنگي علائقن ۾ وڃڻ ۽ شفاف رپورٽنگ کان روڪي ڇڏيو، پاڪستاني فوج جي اڳڀرائي کي روڪيندي بائور ريلوي اسٽيشن تي قبضو ڪري ورتو. ڀارت کي جنگ جي شروعاتي 8 ڏينهن ۾ اٽڪل پنهنجي اڌ فوجي طاقت جو نقصان کڻڻو پيو جنهن ۾ 209 ٽينڪون ۽ 140 جنگي جهاز شامل آهن، پاڪستاني …

اسلام آباد- 13 سيپٽمبر (اي پي پي) سيپٽمبر 1965ع جي جنگ جي 13 هين ڏينهن ڀارتي حڪومت صحافين کي جنگي علائقن ۾ وڃڻ ۽ شفاف رپورٽنگ کان روڪي ڇڏيو، پاڪستاني فوج جي اڳڀرائي کي روڪيندي بائور ريلوي اسٽيشن تي قبضو ڪري ورتو. ڀارت کي جنگ جي شروعاتي 8 ڏينهن ۾ اٽڪل پنهنجي اڌ فوجي طاقت جو نقصان کڻڻو پيو جنهن ۾ 209 ٽينڪون ۽ 140 جنگي جهاز شامل آهن، پاڪستاني فوج کيم ڪرن ڏانهن اڳڀرائي جي ڪيترن ئي ڀارتي ڪوششن کي ناڪام بڻائي ڇڏيو، ڀارت کي قصور، ڄمون ۽ سيالڪوٽ جي محاذ تي به وڏي نقصان کي منهن ڏيڻو پيو، مجاهدن سرينگر ويجهو ڀارتي ملٽري بيس تي حملو ڪيو، پاڪ فضائيه ڄمون ايئر فيلڊ تي بيٺل 6 ڀارتي ٽرانسپورٽ جهاز تباهه ڪري ڇڏيا. سيالڪوٽ سيڪٽر ۾ پاڪ فضائيه ڀارتي فضائيه جو  جهاز ڪيرايو. عوام جي وڏي انگ جنگ جي زخمين لاءِ رت جا عطيا ڏنا، پاڪ فوج جي مسلسل ڪاميابين  کان ڀارتي فوج وائڙپ جو شڪار ٿي وئي، ڀارت نه رڳو ميدان جنگ ۾ پر سفارتي سطح تي به مڪمل شڪست جو منهن ڏٺو.