اسلام آباد- 13 سيپٽمبر (اي پي پي) واپڊا ملڪي دريائن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. آچر ڏينهن جاري ڪيل انگن اکرن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 1 لک 31 هزار 500 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 1 لک 55 هزار ڪيوسڪ رهيو، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جو مٿانهون ۽ هيٺاهون وهڪرو ترتيبوار 18 هزار 900 ڪيوسڪ، …
ملڪي دريائن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري
اسلام آباد- 13 سيپٽمبر (اي پي پي) واپڊا ملڪي دريائن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. آچر ڏينهن جاري ڪيل انگن اکرن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 1 لک 31 هزار 500 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 1 لک 55 هزار ڪيوسڪ رهيو، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جو مٿانهون ۽ هيٺاهون وهڪرو ترتيبوار 18 هزار 900 ڪيوسڪ، خيرآباد پل تي پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 1 لک 62 هزار 500 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 1 لک 62 هزار 500 ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 11 هزار 400 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 30 هزار ڪيوسڪ ۽ چناب درياهه ۾ مرالا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 41 هزار 300 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 1 لک 14 هزار 900 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. آبي ذخيرن ۾ تربيلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1402 فٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1544.47 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1550 فوٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 5.262 ملين ايڪڙ فوٽ، منگلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1050 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1220.15 فٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1242 فٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 5.593 ملين ايڪڙ فٽ ۽ چشمه بئراج جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 638.15 فٽ، پاڻي جي موجوده سطح 646.10 فٽ، بئراج ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 649 فٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 0.178 ملين ايڪڙ فٽ رڪارڊ ڪيو ويو.











