لاڙڪاڻو 13 سيپٽمبر (اي پي پي) لاڙڪاڻي جي سينئر سپرنٽينڊنٽ آف پوليس اظهر خان جي صدارت ۾ ضلعي پوليس جو هڪ اهم اجلاس منعقد ڪيو ويو، جنهن دوران ضلعي ۾ امن و امان جي صورتحال، پوليس جي ڪارڪردگي، ڏوهن جي انگن اکرن سميت مختلف کاتن جي معاملن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. ان موقعي تي ايس ايس پي اظهر خان هدايت جاري ڪندي چيو ته منشيات وڪرو ڪندڙن، اشتهاري جوابدارن، فرار ٿيل ڏوهارين ۽ نارڪوٽڪس ڊيلرز خلاف …
لاڙڪاڻو، ضلعي پوليس جو اهم اجلاس منعقد، ضلعي ۾ امن امان جي صورتحال ۽ پوليس جي ڪارڪردگي جو جائزو
لاڙڪاڻو 13 سيپٽمبر (اي پي پي) لاڙڪاڻي جي سينئر سپرنٽينڊنٽ آف پوليس اظهر خان جي صدارت ۾ ضلعي پوليس جو هڪ اهم اجلاس منعقد ڪيو ويو، جنهن دوران ضلعي ۾ امن و امان جي صورتحال، پوليس جي ڪارڪردگي، ڏوهن جي انگن اکرن سميت مختلف کاتن جي معاملن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. ان موقعي تي ايس ايس پي اظهر خان هدايت جاري ڪندي چيو ته منشيات وڪرو ڪندڙن، اشتهاري جوابدارن، فرار ٿيل ڏوهارين ۽ نارڪوٽڪس ڊيلرز خلاف ڪارروايون وڌيڪ تيز ڪيون وڃن. اجلاس جي ايجنڊا ۾ 24 آگسٽ 2026 کان وٺي اعلانيل، لڪيل ۽ سرگرم ڏوهارين ۽ منشيات وڪرو ڪندڙن جي گرفتاري، ڏوهن جي روڪٿام، پوليس جي ڪارڪردگي، پوليس پڪيٽنگ، پيٽرولنگ ۽ سنيپ چيڪنگ جو پلان شامل هو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته جامع منصوبي تحت ڏوهارين خلاف اثرائتيون ڪارروائيون لاڳو ڪرڻ لاءِ سخت هدايتون جاري ڪيون وڃن.ايس ايس پي اظهر خان لاڙڪاڻو پوليس پاران ڪامياب ٽارگيٽيڊ آپريشن ذريعي اغوا ٿيل ٻن ماڻهن جي حفاظت سان بازيابي تي پوليس جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي آپريشن ۾ حصو وٺندڙ آفيسرن ۽ جوانن کي روڪ رقم انعام ۽ تعريفي سرٽيفڪيٽ پڻ ڏنا. ان موقعي تي هن وڌيڪ چيو ته ڏوهارين خلاف اثرائتي ڪارروائي سان گڏ عوام کي آگاهي پڻ ڏني وڃي جڏهن ته لاڙڪاڻو پوليس ڏوهن جي روڪٿام ۽ عوام جي حفاظت لاءِ پرعزم آهي. اجلاس ۾ اي ايس پي سيد حيدر علي شاهه، ڊي ايس پيز، ايس ايڇ اوز، ٽريفڪ انسپيڪٽرز، اسسٽنٽ 15 انچارج ۽ ضلعي جي مختلف ھيڊ آف برانچز جي اڳواڻن شرڪت ڪئي.











