بيجنگ - 13 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ چين جديد مينيوفيڪچرنگ، مصنوعي ذهانت ۽ ڊجيٽل انفراسٽرڪچر سميت اهم شعبن ۾ ڪاروباري رابطن ۽ سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. اهو عزم بيجنگ ۾ چائنا انٽرنيشنل فيئر فار تريڊ ان سروسز 2026ع جي موقعي تي منعقد پاڪستان- چين بي ٽو بي ڪانفرنس دوران ظاهر ڪيو ويو. ڪانفرنس جو موضوع ون ون پارٽنرشپ هو. جنهن ۾ …
بي ٽو بي ڪانفرنس پاڪستاني ۽ چيني ڪاروباري ادارن وچ ۾ سڌي ريت رابطي کي مضبوط بڻائڻ لاءِ هڪ اهم پليٽ فارم آهي: خليل هاشمي
بيجنگ – 13 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ چين جديد مينيوفيڪچرنگ، مصنوعي ذهانت ۽ ڊجيٽل انفراسٽرڪچر سميت اهم شعبن ۾ ڪاروباري رابطن ۽ سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. اهو عزم بيجنگ ۾ چائنا انٽرنيشنل فيئر فار تريڊ ان سروسز 2026ع جي موقعي تي منعقد پاڪستان- چين بي ٽو بي ڪانفرنس دوران ظاهر ڪيو ويو. ڪانفرنس جو موضوع ون ون پارٽنرشپ هو. جنهن ۾ ٻنهي ملڪن جي اعليٰ عملدارن، ڪاروباري اڳواڻن ۽ نجي شعبي جي نمائندن شرڪت ڪئي. ڪانفرنس ۾ سيڙپڪاري، گڏيل منصوبن، ٽيڪنالاجي جي منتقلي ۽ واپاري تعاون جا نوان موقعا ڳوليا ويا. ان موقعي تي چين ۾ پاڪستان جي سفير خليل هاشمي خطاب ڪندي چيو ته اها ڪانفرنس پاڪستاني ۽ چين ڪاروباري ادارن وچ ۾ سڌي ريت رابطن کي مضبوط بڻائڻ لاءِ هڪ اهم پليٽ فارم آهي. اها ڪانفرنس چين ۾ پاڪستاني سفارتخاني ۽ چيني ڪمپني جي شراڪت سان منعقد ٿي جنهن ۾ اٽڪل 100 ماڻهن شرڪت ڪئي ۽ ڪاروباري رابطن ۽ نيٽ ورڪنگ جي حوالي سان ڳالهيون ڪيون. پاڪستاني سفير پاڪستاني ۽ چيني اختيارن ۽ ڪاروباري اڳواڻن جي فعال شرڪت جي آجيان ڪئي ۽ ان ڳالهه تي زور ڀريو ته ٻنهي ملڪن جي ڪمپنين وچ ۾ عملي ڪاروباري موقعا پيدا ڪيا وڃن. ڪانفرنس ۾ ٻنهي ملڪن جي گڏيل واپاري مفادن جي شعبن جي نشاندهي ڪئي وئي ۽ ٽيڪنالاجي تي ٻڌل اڀرندڙ شعبن ۾ شراڪتداري جي امڪانن جو جائزو ورتو ويو. پاڪستان چين بي ٽو بي ڪانفرنس ٻنهي ملڪن جي پراڻن لاڳاپن کي عملي، پائيدار ۽ گڏيل مفادن تي ٻڌل واپاري شراڪتدارين ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ هڪ اهم پليٽ فارم جو ڪردار ادا ڪيو. جنهن سان ٻنهي ملڪن جي ڪاروباري ادارن وچ ۾ ون ون سهڪار جي گڏيل ويزن کي وڌيڪ هٿي ملي.












