بئنڪن طرفان نجي شعبي کي قرضن جي فراهمي ۾ جولاءِ دوران ماهوار بنيادن تي گهٽتائي، ساليانو بنيادن تي اضافو رڪارڊ

اسلام آباد- 25 آگسٽ (اي پي پي) بئنڪن طرفان نجي شعبي کي قرضن جي فراهمي ۾ جولاءِ دوران ماهوار بنيادن تي گهٽتائي، جڏهن ته ساليانو بنيادن تي اضافو رڪارڊ ٿيو آهي. اسٽيٽ بئنڪ جي انگن اکرن مطابق جولاءِ تائين بئنڪن طرفان نجي شعبي کي فراهم ڪيل قرضن جو ڳاڻيٽو 10.898 کرب رپين تائين پهچي ويو، جيڪو گذريل سال جولاءِ جي ڀيٽ ۾ 14.9 سيڪڙو وڌيڪ آهي. گذريل سال جولاءِ تائين …

اسلام آباد- 25 آگسٽ (اي پي پي) بئنڪن طرفان نجي شعبي کي قرضن جي فراهمي ۾ جولاءِ دوران ماهوار بنيادن تي گهٽتائي، جڏهن ته ساليانو بنيادن تي اضافو رڪارڊ ٿيو آهي. اسٽيٽ بئنڪ جي انگن اکرن مطابق جولاءِ تائين بئنڪن طرفان نجي شعبي کي فراهم ڪيل قرضن جو ڳاڻيٽو 10.898 کرب رپين تائين پهچي ويو، جيڪو گذريل سال جولاءِ جي ڀيٽ ۾ 14.9 سيڪڙو وڌيڪ آهي. گذريل سال جولاءِ تائين بئنڪن طرفان نجي شعبي کي فراهم ڪيل مجموعي قرضن جو ڳاڻيٽو 9.483 کرب رپيا رڪارڊ ڪيو ويو هو. جون جي ڀيٽ ۾ جولاءِ ۾ بئنڪن طرفان نجي شعبي کي فراهم ڪيل مجموعي قرضن ۾ ماهوار بنيادن تي 2.3 سيڪڙو جي گهٽتائي رڪارڊ ٿي آهي، جون تائين بئنڪن طرفان نجي شعبي کي فراهم ڪيل مجموعي قرضن جو ڳاڻيٽو 11.157 ٽريلين رپيا رڪارڊ ڪيو ويو هو. انگن اکرن مطابق جولاءِ تائين بئنڪن طرفان نجي شعبي جي ڪاروبار کي فراهم ڪيل مجموعي قرضن جو ڳاڻيٽو 9.285 ٽريلين رپيا رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل مالي سال جي ساڳئي مدي جي 8.207 ٽريلين رپين جي ڀيٽ ۾ 13.1 سيڪڙو وڌيڪ آهي.