اسلام آباد - 24 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف موڊيز پاران پاڪستان جي ڪريڊٽ ريٽنگ سي اي اي – 01 مان وڌائي بي – 3 ڪرڻ تي قوم کي مبارڪباد ڏني آهي. سومر ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز ش ريف موڊي پاران پاڪستان جي خودمختيار ڪريڊٽ ريٽنگ ۾ بهتري جي آجيان ڪندي حڪومتي معاشي ٽيم جي ڪوششن کي ساراهيو. …
وزيراعظم پاران موڊيز پاران پاڪستان جي ڪريڊٽ ريٽنگ سي اي اي – 01 مان وڌائي بي – 3 ڪرڻ تي قوم کي مبارڪباد

مزید خبریں
اسلام آباد – 24 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف موڊيز پاران پاڪستان جي ڪريڊٽ ريٽنگ سي اي اي – 01 مان وڌائي بي – 3 ڪرڻ تي قوم کي مبارڪباد ڏني آهي. سومر ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز ش ريف موڊي پاران پاڪستان جي خودمختيار ڪريڊٽ ريٽنگ ۾ بهتري جي آجيان ڪندي حڪومتي معاشي ٽيم جي ڪوششن کي ساراهيو. هن چيو ته نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، آرمي چيف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، ناڻي وارو وفاقي وزير محمد اورنگزيب ۽ سمورا لاڳاپيل وزير ۽ عملدار ان جي لاءِ ساراهه جي لائق آهن. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي ڪريڊٽ ريٽنگ ۾ بهتري حڪومت جي معاشي پاليسين ۽ سڌارن تي عالمي اعتماد جو اظهار آهي، عالمي مالياتي ادارن ۽ ريٽنگ ايجنسين پاران پاڪستان جي معاشي صورتحال ۾ بهتري جو اعتراف خوش آئنده آهي. هن چيو ته پاڪستان جي معيشت استحڪام طرف گامزن آهي، عالمي ادارن پاران ريٽنگ ۾ بهتري ان جو واضح ثبوت آهي، حڪومت معيشت کي مستحڪم ڪرڻ ۽ ٻاهرئين شعبي ۾ بهتري جي لاءِ موثر قدم کنيا. وزيراعظم چيو ته معاشي استحڪام جي لاءِ حڪومت جي مسلسل محنت ۽ سڌارن جي نتيجي ۾ عالمي ادارن جو پاڪستان تي اعتماد وڌي رهيو آهي، پاڪستان جي معيشت کي پائيدار بنيادن تي قائم ڪرڻ جي لاءِ حڪومت سڌارن جو عمل وڌيڪ تيز ڪندي، اسان جي منزل پاڪستان کي هڪ مضبوط، پاڻڀرو ۽ پائيدار معيشت بڻائڻ آهي.










