خاتون اول آصفه ڀٽو زرداري پاران راولپنڊي ۾ حنا جاويد جي قتل تي افسوس جو اظهار

اسلام آباد- 23 آگسٽ (اي پي پي) خاتون اول ۽ ايم اين اي بي بي آصفه ڀٽو زرداري راولپنڊي ۾ حنا جاويد جي مبينه بي رحماڻي قتل تي ڳڻتي ۽ افسوس جو اظهار ڪندي ڏکويل خاندان سان يڪجهتي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. آچر تي ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان ۾ بي بي آصفه ڀٽو زرداري پنجاب حڪومت تي زور ڀريو ته ان سنگين ۽ ڪڌي …

اسلام آباد- 23 آگسٽ (اي پي پي) خاتون اول ۽ ايم اين اي بي بي آصفه ڀٽو زرداري راولپنڊي ۾ حنا جاويد جي مبينه بي رحماڻي قتل تي ڳڻتي ۽ افسوس جو اظهار ڪندي ڏکويل خاندان سان يڪجهتي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. آچر تي ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان ۾ بي بي آصفه ڀٽو زرداري پنجاب حڪومت تي زور ڀريو ته ان سنگين ۽ ڪڌي ڏوهه جي مڪمل ۽ شفاف جاچ کي يقيني بڻايو وڃي. هن چيو ته ذميوارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي ۽ کين اهڙي عبرتناڪ سزا ڏني وئي ته جيئن آئينده ڪير به اهڙو ڪڌو ڪم نه ڪري. خاتون اول پاڪستان ۾ ان نوعيت جي واقعن ۾ اضافي تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته عورتن جي تحفظ ۽ مستقبل ۾ اهڙن ڏوهن جي روڪٿام لاءِ اثرائتا قدم کنيا ويندا.

مزید خبریں