اسلام آباد - 23 آگسٽ (اي پي پي)حڪومت هلندڙ مالي سال 27-2026ع جي بجلي پيدا ڪندڙ منصوبن جي ڪميشننگ شيڊول تحت پن بجلي جي پيداواري صلاحيت ۾ 1960 ميگاواٽ اضافي جو منصوبو بڻايو آهي جنهن ۾ سڀ کان وڏو حصو تربيلا پنجين توسيعي منصوبي جا 3 يونٽس هوندا. ويلٿ پاڪستان کي دستياب جولاءِ 2026ع کان جون 2027ع تائين ڪميشن ڪيل بجلي منصوبن جي شيڊول موجب واٽر اينڊ پاور ڊولپمينٽ اٿارٽي …
مالي سال 27-2026ع ۾ پن بجلي جي پيداواري صلاحيت ۾ 1960 ميگاواٽ اضافي جو منصوبو

مزید خبریں
اسلام آباد – 23 آگسٽ (اي پي پي)حڪومت هلندڙ مالي سال 27-2026ع جي بجلي پيدا ڪندڙ منصوبن جي ڪميشننگ شيڊول تحت پن بجلي جي پيداواري صلاحيت ۾ 1960 ميگاواٽ اضافي جو منصوبو بڻايو آهي جنهن ۾ سڀ کان وڏو حصو تربيلا پنجين توسيعي منصوبي جا 3 يونٽس هوندا. ويلٿ پاڪستان کي دستياب جولاءِ 2026ع کان جون 2027ع تائين ڪميشن ڪيل بجلي منصوبن جي شيڊول موجب واٽر اينڊ پاور ڊولپمينٽ اٿارٽي (واپڊا) جي انتظام هيٺ تعمير يا بحالي جي عمل مان گذرندڙ پنج پن بجلي منصوبن ۽ يونٽس جي مجموعي صلاحيت 1960 ميگاواٽ آهي جيڪو شيڊول ۾ شامل مجموعي 3787.24 ميگاواٽ پيداواري صلاحيت جو اٽڪل 51.8 سيڪڙو ٿئي ٿو. پن بجلي ۾ سڀ کان وڏو اضافو خير پختونخوا ۾ تربيلا پنجين توسيعي منصوبي جي 510 ميگاواٽ صلاحيت رکندڙ 3 يونٽن مان هوندو، پهرين يونٽ کي سيپٽمبر 2026، ٻي کي نومبر ۽ ٽين کي ڊسمبر 2026ع ۾ فعال ڪرڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو هو. تربيلا جا اهي ٽئي يونٽ مجموعي طور تي 1530 ميگاواٽ بجلي جي پيداواري صلاحيت ۾ اضافو ڪندو. جيڪو شيڊول ۾ شامل پن بجلي جي مجموعي صلاحيت جو اٽڪل 78 سيڪڙو ۽ پوري پروگرام ۾ شامل مجموعي پيداواري صلاحيت جو 40 سيڪڙو کان وڌيڪ ٿئي ٿو. ڪميشننگ شيڊول موجب پن بجلي جون گهڻي ڀاڱي صلاحيت مالي سال 27-2026ع جي پهرين ڇهه ماهي ۾ نظام ۾ شامل ٿيڻ جي اميد آهي ڇاڪاڻ ته تربيلا جي 3 يونٽن کي ڊسمبر 2026ع تائين فعال ڪرڻ جو هدف آهي.










