سرڪاري آفيسرن جي پيشيوراڻين صلاحيتن ۽ موثر عوامي خدمت لاءِ ڪامن ٽريننگ پروگرام اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي: عطاءُ الله تارڙ

اسلام آباد- 23 آگسٽ (اي پي پي) 54 هين ڪامن ٽريننگ پروگرام (سي ٽي پي) جي 217 تربيت حاصل ڪندڙ آفيسرن اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي ڊجيٽل ڪميونيڪيشن ڊپارٽمينٽ جو دورو ڪيو ۽ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ سان ملاقات ڪئي. وفد ۾ وفاقي حڪومت جي 12 مختلف پيشيوراڻي گروپس/سروسز سان تعلق رکندڙ 217 پروبيشنرز (117 ۽ 100 عورتون) شامل هيون. تربيت حاصل ڪندڙ آَفيسرن …

اسلام آباد- 23 آگسٽ (اي پي پي) 54 هين ڪامن ٽريننگ پروگرام (سي ٽي پي) جي 217 تربيت حاصل ڪندڙ آفيسرن اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي ڊجيٽل ڪميونيڪيشن ڊپارٽمينٽ جو دورو ڪيو ۽ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ سان ملاقات ڪئي. وفد ۾ وفاقي حڪومت جي 12 مختلف پيشيوراڻي گروپس/سروسز سان تعلق رکندڙ 217 پروبيشنرز (117 ۽ 100 عورتون) شامل هيون. تربيت حاصل ڪندڙ آَفيسرن کي اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي ڪردار، حڪومتي ميڊيا، قومي بياني جي جوڙجڪ ۽ واڌ ويجهه، ڊجيٽل ڪميونيڪيشن، عوامي آگاهي ۽ غلط معلومات جي ازالي جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي ۽ غلط معلومات جي ازالي ۽ عوامي رابطاڪاري جي حوالي سان آگاهه ڪيو ويو. وفاقي وزير تربيت حاصل ڪندڙ آفيسرن سان تبديل ٿيندڙ ميڊيا منظرنامي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندي چيو ته سرڪاري آفيسرن جي پيشيوراڻين صلاحيتن ۽ موثر عوامي خدمت لاءِ ڪامن ٽريننگ پروگرام اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. وفاقي وزير چيو ته موثر حڪومتي ميڊيا شفافيت کي هٿي وٺرائڻ، عوام کي درست معلومات جي فراهمي سميت رياستي ادارن تي عوام جي اعتماد کي مضبوط بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. هن چيو ته موجوده ڊجيٽل دور ۾ غلط معلومات ۽ گمراهه ڪندڙ مواد جو موثر ازالو اڻٽر آهي، ان مقصد لاءِ پيشيوراڻي، وقت سر ۽ ذميوراڻي ميڊيا حڪمت عملي اختيار ڪرڻ ضروري آهي. عطاءُ الله تارڙ چيو ته نوجوان آفيسر عاجزي، عزم ۽ ذميواري احساس سان پاڪستان جي خدمت ڪن ۽ سرڪاري ذميوارين ديانتداري، پيشيوراڻي مهارت ۽ قومي مفاد کي مٿانهون رکي انجام ڏين. وفد کي ڊجيٽل ڪميونيڪيشن ذريعي عوامي رابطاڪاري، قومي پاليسين ۽ حڪومتي قدمن کان عوام کي آگاهه ڪرڻ جي طريقيڪار بابت به آگاهه ڪيو ويو. 54 هين ڪامن ٽريننگ پروگرام ۾ تربيت حاصل ڪندڙ آفيسرن ڊجيٽل ڪميونيڪيشن ڊپارٽمينٽ طرفان فراهم ڪيل بريفنگ کي مفيد قرار ڏيندي حڪومتي ميڊيا ۽ ڊجيٽل ميڊيا جي ڪردار جي حوالي سان گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو.

مزید خبریں