نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار 24 کان 28 آگسٽ تائين برطانيه جو سرڪاري دورو ڪندو

اسلام آباد- 23 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار 24 کان 28 آگسٽ تائين برطانيه جو سرڪاري دورو ڪندو. آچر تي پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم برطانيه جي پرڏيهي وزير ايڊملي بينڊ، پرڏيهي آفيس، دولت مشترڪه ۽ ترقي( ايف سي ڊي او) ۾ پاڪستان لاءِ مملڪتي وزير اسٽيفن ڊوٽي ۽ برطانوي حڪومت جي ٻين اعليٰ عملدارن سان ملاقاتون ڪندو. پنهنجي …

اسلام آباد- 23 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار 24 کان 28 آگسٽ تائين برطانيه جو سرڪاري دورو ڪندو. آچر تي پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم برطانيه جي پرڏيهي وزير ايڊملي بينڊ، پرڏيهي آفيس، دولت مشترڪه ۽ ترقي( ايف سي ڊي او) ۾ پاڪستان لاءِ مملڪتي وزير اسٽيفن ڊوٽي ۽ برطانوي حڪومت جي ٻين اعليٰ عملدارن سان ملاقاتون ڪندو. پنهنجي دوري دوران هو عالمي سامونڊي تنظيم (آءِ ايم او) جي سيڪريٽري جنرل سان به ملاقات ڪندو. جنهن ۾ ايم ٽي آنر 25 آئل ٽينڪر تي صومالي سامونڊي ڌاڙيلن جي حراست هيٺ پاڪستاني عملي جي ميمبرن جي آزادي جي معاملي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. ان کان علاوه هو دولت مشترڪه جي سيڪريٽري جنرل شرلي ايور ڪوربوچي سان به ملاقات ڪندو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير برطانوي پارليامينٽ ۽ برطانيه ۾ رهندڙ پاڪستاني برادري جي نمائندن سان به ملاقاتون ۽ ڳالهيون ڪندو.

مزید خبریں