پاڪستاني جبل چاڙهو ڊاڪٽر اسما جي ميت کي اسپانٽڪ مائونٽين مان واپس آڻڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا ويندا: عطاءُ الله تارڙ

اسلام آباد- 23 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پاڪستاني جبل چاڙهو ڊاڪٽر اسما جي ميت کي قراقرم جي بلند جابلو هنڌ اسپانٽڪ مائونٽين تان واپس آڻڻ جي حوالي سان تفصيلين کان آگاهه ڪندي چيو ته ڊاڪٽر اسما جي ميت واپس آڻڻ لاءِ اميد هئي ته ريسڪيو اهلڪار ڪيمپ 3 تائين پهچي ميت کي سڀاڻ تائين بيس ڪيمپ منتقل ڪري وٺندا. آچر ڏينهن …

اسلام آباد- 23 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پاڪستاني جبل چاڙهو ڊاڪٽر اسما جي ميت کي قراقرم جي بلند جابلو هنڌ اسپانٽڪ مائونٽين تان واپس آڻڻ جي حوالي سان تفصيلين کان آگاهه ڪندي چيو ته ڊاڪٽر اسما جي ميت واپس آڻڻ لاءِ اميد هئي ته ريسڪيو اهلڪار ڪيمپ 3 تائين پهچي ميت کي سڀاڻ تائين بيس ڪيمپ منتقل ڪري وٺندا. آچر ڏينهن ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ وفاقي وزير چيو ته ريسڪيو ٽيم ڪيمپ 3 ويجهو اٽڪل پهچي چڪي هئي پر شديد موسمي حالتن، برف باري ۽ تيز هوائن سبب ٽيم کي واپس ڪيمپ 2 ڏانهن موٽڻو پيو. هن چيو ته هيليڪاپٽر جي استعمال جي اجازت ڏني وئي آهي جڏهن ته گلگت بلتستان حڪومت ۽ ايف سي اين اي وچ ۾ ڪوآرڊينيشن به مڪمل آهي. متبادل انتظام به موجود آهن. عطاءُ الله تارڙ چيو ته موجوده مشڪل موسمي حالتن ۾ ميت جي واپسي لاءِ جيڪو ڪجهه ممڪن هوندو اهي سمورا قدم کنيا ويندا. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف کي صورتحال کان مسلسل آگاهه رکيو پيو وڃي.

مزید خبریں