فتنه الهندستان جي دهشتگردن سان سندن خاندانن پاران لاتعلقي جو سلسلو جاري

اسلام آباد- 23 آگسٽ (اي پي پي) فتنه الهندستان جي دهشتگردن سان سندن خاندانن جي لاتعلقي جو سلسلو جاري آهي. فتنه الهندستان جي شرپسند ڪارروائين سبب سندن خاندان به ساڻن نفرت ۽ لاتعلقي جو اظهار ڪري رهيا آهن. فتنه الهندستان سان تعلق رکندڙ دهشتگرد لائبه نذر جي خاندان مڪمل لاتعلقي جو اعلان ڪيو آهي. تربت جي رهواسي نذر محمد پنهنجي ڌيءَ سان لاتعلقي جو اعلان ڪندي چيو ته هو 8 جولاءِ …

اسلام آباد- 23 آگسٽ (اي پي پي) فتنه الهندستان جي دهشتگردن سان سندن خاندانن جي لاتعلقي جو سلسلو جاري آهي. فتنه الهندستان جي شرپسند ڪارروائين سبب سندن خاندان به ساڻن نفرت ۽ لاتعلقي جو اظهار ڪري رهيا آهن. فتنه الهندستان سان تعلق رکندڙ دهشتگرد لائبه نذر جي خاندان مڪمل لاتعلقي جو اعلان ڪيو آهي. تربت جي رهواسي نذر محمد پنهنجي ڌيءَ سان لاتعلقي جو اعلان ڪندي چيو ته هو 8 جولاءِ تي گهران نڪتي هئي جنهن کان پوءِ ان سان رابطو ڪٽيل هو، اسان کي معلوم ناهي ته لائبه ڪٿي ۽ ڪنهن سان گڏ آهي. دهشتگرد لائبه نذر جي والد چيو ته جيڪڏهن ڌيءَ ڪنهن غيرقانوني سرگرمي ۾ ملوث ڏٺي وئي ته ان جي فعل سان سندس خاندان جو ڪو به تعلق نه هوندو. فتنه الهندستان جي دهشتگردن سان سندن خاندانن پاران لاتعلقي کي دهشتگردي کان بيزاري طور ڏٺو پيو وڃي.

مزید خبریں