اسلام آباد- 23 آگسٽ (اي پي پي) پرائيويٽ حج اسڪيم 2027ع لاءِ رقم جي وصولي جي شروعات ٿي وئي آهي جنهن جي بڪنگ ۽ ادائگي رڳو پاڪ حج ايپ ۽ حج پورٽل ذريعي قبول جوڳي هوندي. مذهبي معاملن واري وزارت جي ترجمان پرائيويٽ حج اسڪيم جا سمورا مالي معاملا صرف حج پورٽل ذريعي انجام ڏيڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته نيشنل آءِ ٽي بورڊ جي تيار ڪيل حج پورٽل …
پرائيويٽ حج اسڪيم لاءِ رقم جي وصولي جي شروعات، غير مجاز ماڻهن کي ادائگي ڪندڙ حج پانڌيئڙا نقصان جا پاڻ ذميوار هوندا: مذهبي معاملن واري وزارت

مزید خبریں
اسلام آباد- 23 آگسٽ (اي پي پي) پرائيويٽ حج اسڪيم 2027ع لاءِ رقم جي وصولي جي شروعات ٿي وئي آهي جنهن جي بڪنگ ۽ ادائگي رڳو پاڪ حج ايپ ۽ حج پورٽل ذريعي قبول جوڳي هوندي. مذهبي معاملن واري وزارت جي ترجمان پرائيويٽ حج اسڪيم جا سمورا مالي معاملا صرف حج پورٽل ذريعي انجام ڏيڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته نيشنل آءِ ٽي بورڊ جي تيار ڪيل حج پورٽل يا پاڪ حج ايپ ذريعي مجاز حج منظم ڪمپني جي چونڊ ٿي سگهندي. هن چيو ته پرائيويٽ حج پانڌيئڙا گهربل حج پئڪيج جي چونڊ به حج پورٽل ذريعي ڪري سگهندا، هو رقم جي ادائگي به حج پورٽل ذريعي گهر ويٺي ڪري سگهندا. هن جو چوڻ هو ته وزارت پاران ڪنهن منظم ڪمپني کي سڌي ريت رقم جي وصولي جي اجازت ناهي، غير مجاز ايجنٽن يا ماڻهن کي ادائگي ڪندڙ حج پانڌيئڙا پنهنجي نقصان جا پاڻ ذميوارا هوندا، پاڪ حج ايپ ۽ حج پورٽل ذريعي پرائيويٽ حج ادائگين جي وصولي جو عمل شفاف ۽ وزارت جي نگراني ۾ مڪمل ٿيندو. هن هدايت ڪئي ته حج پانڌيئڙا جعلسازي کان بچڻ لاءِ رڳو مذهبي معاملن واري وزارت جي مجاز ڊجيٽل نظام سان رابطو ڪن. ترجمان چيو ته پرائيويٽ حج اسڪيم ۾ اڳ کان رجسٽرڊ حج پانڌيئڙا مجاز ڪمپني ۽ پئڪيج جي چونڊ پاڪ حج پورٽل ذريعي ڪن، پرائيويٽ حج پانڌيئڙا ڪنهن به مجاز يا غير مجاز ڪمپني کي چيڪ يا روڪ رقم ڏيڻ کان پاسو ڪن. مذهبي معاملن واري وزارت حج پانڌيئڙن کي فراڊ کان بچڻ لاءِ غير مجاز ذريعن کي ادائگي نه ڪرڻ جي سخت هدايت ڪئي آهي. واضح رهي ته حج پورٽل يا پاڪ حج ايپ ذريعي پرائيويٽ حج اسڪيم ۾ نئين رجسٽريشن جو عمل به جاري آهي ۽ پرائيويٽ حج اسڪيم جي ڪوٽا 71 هزار 696 مقرر ڪئي وئي آهي.










