واشنگٽن- 23 آگسٽ (اي پي پي) آمريڪي وفاقي عدالت حڪومت پاران 75 ملڪن جي شهرين کي مستقل طور تي آمريڪا ۾ آباد ٿيڻ لاءِ اميگريشن ويزا جاري ڪرڻ جي عمل تي لاڳو پابندي ختم ڪري ڇڏي آهي جنهن سان صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي سخت گير اميگريشن پاليسي کي ڌڪ لڳو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب نيويارڪ جي ڏاکڻي ضلعي وفاقي عدالت جي فيصلي ۾ جج جينيٽ ورگاس ان پاليسي کي قانون خلاف …
صدر ٽرمپ جي اميگريشن پاليسي کي ڌڪ، وفاقي عدالت 75 ملڪن جي شهرين لاءِ ويزائن تي لاڳو پابندي ختم ڪري ڇڏي

مزید خبریں
واشنگٽن- 23 آگسٽ (اي پي پي) آمريڪي وفاقي عدالت حڪومت پاران 75 ملڪن جي شهرين کي مستقل طور تي آمريڪا ۾ آباد ٿيڻ لاءِ اميگريشن ويزا جاري ڪرڻ جي عمل تي لاڳو پابندي ختم ڪري ڇڏي آهي جنهن سان صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي سخت گير اميگريشن پاليسي کي ڌڪ لڳو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب نيويارڪ جي ڏاکڻي ضلعي وفاقي عدالت جي فيصلي ۾ جج جينيٽ ورگاس ان پاليسي کي قانون خلاف قرار ڏيندي چيو ته پرڏيهي وزير مارڪو روبيو ان کي جاري ڪندي پنهنجي قانوني اختيارن جو غلط استعمال ڪيو. اها پاليسي هلندڙ سال جنوري ۾ لاڳو ٿي هئي جنهن تحت افغانستان، برازيل، مصر، ايران، عراق، نائجيريا، صوماليه، ٿائيلينڊ ۽ يمن سميت 75 ملڪن جي شهرين جي اميگريشن ويزائن جي درخواستن تي ڪارروائي معطل ڪئي وئي هئي. ان وقت آمريڪي پرڏيهي کاتي جو چوڻ هو ته اهو فيصلو ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ لاءِ ڪيو ويو آهي ته وڌيڪ خطري وارن ملڪن مان ايندڙ پناهگير هتي فلاحي سهولتن جو غيرقانوني استعمال نه ڪن يا حڪومت تي مالي بار نه بڻجن، جڏهن ته جج ورگاس پنهنجي فيصلي ۾ قرار ڏنو ته قونصلر آفيسرن کي درخواست گذارن جي اباڻن ملڪن جي بنياد تي اميگريشن ويزا رد ڪرڻ جو حڪم ڏيڻ درست نه هو خاص طور تي ان صورت ۾ جڏهن آفيسر اهو طئي ڪري چڪا هجن ته درخواست گذار ٻين سمورن شرطن تي پورا لهي رهيا آهن. ان فيصلي جي نتيجي ۾ اهڙا سمورا ويزا انڪار ختم ٿي ويندا جيڪي رڳو ڄاڻايل پاليسي جي بنياد تي ڪيا ويا هئا.











