اسلام آباد-21 آگسٽ (اي پي پي)صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته وزيراعظم جي هيپاٽائيٽس سي جي خاتمي واري پروگرام تحت سڄي ملڪ ۾ 12 سالن کان وڌيڪ عمر جي هر ماڻهوءَ جي اسڪريننگ يقيني بڻائي پئي وڃي، ان سلسلي ۾ صحت واري وزارت جي سمورن ملازمن، وزير کان وٺي آفيس بواءِ تائين لاءِ هيپاٽائيٽس سي جي اسڪريننگ لازمي قرار ڏني وئي آهي. وزارت مان جاري بيان …
وزيراعظم جي هيپاٽائيٽس سي جي خاتمي واري پروگرام تحت سڄي ملڪ ۾ 12 سالن کان وڌيڪ عمر جي هر فرد جي اسڪريننگ يقيني بڻائي پئي وڃي : سيد مصطفيٰ ڪمال

مزید خبریں
اسلام آباد-21 آگسٽ (اي پي پي)صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته وزيراعظم جي هيپاٽائيٽس سي جي خاتمي واري پروگرام تحت سڄي ملڪ ۾ 12 سالن کان وڌيڪ عمر جي هر ماڻهوءَ جي اسڪريننگ يقيني بڻائي پئي وڃي، ان سلسلي ۾ صحت واري وزارت جي سمورن ملازمن، وزير کان وٺي آفيس بواءِ تائين لاءِ هيپاٽائيٽس سي جي اسڪريننگ لازمي قرار ڏني وئي آهي. وزارت مان جاري بيان موجب صحت واري وزارت جي سمورن ادارن ۽ وفاقي وزارتن کي به خط لکيا ويا آهن ته جيئن انهن جي سمورن ملازمن جي اسڪريننگ مڪمل ڪئي وڃي. صحت واري وفاقي وزير چيو ته اسلام آباد مان ان قومي پروگرام جي شروعات ڪئي وئي آهي، ڇاڪاڻ ته هي پوري پاڪستان لاءِ آهي. اسلام آباد ۾ هن وقت سرڪاري سطح تي 17 اسڪريننگ سينٽرز ڪم ڪري رهيا آهن جڏهن ته نجي اسپتالن جي مالڪن سان به ملاقاتون ڪيون ويون آهن ته جيئن انهن اسپتالن ۾ حڪومت طرفان اسڪريننگ جو سامان ۽ اوزار فراهم ڪيا وڃن ۽ انهن جي انساني وسيلن کي ڪتب آڻيندي وڌ کان وڌ ماڻهن کي مفت اسڪريننگ جي سهولت فراهم ڪري سگهجي. هن چيو ته حڪومت جو هدف سڄي ملڪ ۾ 12 سالن کان وڌيڪ عمر جي هر ماڻهوءَ جي اسڪريننگ ڪرڻ آهي. آزاد ڄمون ڪشمير ۽ گلگت بلتستان لاءِ به ڪٽس ۽ ضروري اوزارن جو انتظام ڪيو ويو آهي ۽ اتي به جلد اسڪريننگ جو عمل شروع ڪيو ويندو. صوبا به لاڳيتو ان قومي مهم ۾ شامل ٿي رهيا آهن. وفاقي وزير ٻُڌايو ته ملڪ جي عالمي هوائي اڏن ۽ ٻين اهم داخلي ۽ خارجي هنڌن تي پرڏيهه مان ڊي پورٽ ٿي ايندڙ ماڻهن جي اسڪريننگ ڪئي پئي وڃي، ايندڙ ٻن کان ٽن مهينن ۾ ان پروگرام کي وڌيڪ وڌايو ويندو. هن چيو ته ان پوري نظام کي جديد ڊجيٽل ٽيڪنالاجي سان ڳنڍيو ويو آهي، پاڪستان بيورو آف اسٽيٽسٽڪس جي آدمشماري لاءِ استعمال ٿيندڙ جديد اوزارن کان به فائدو ورتو پيو وڃي، جڏهن ته اسڪريننگ جي سموري ڊيٽا ڊجيٽل ۽ ريئل ٽائيم بنيادن تي رڪارڊ ڪيو پيو وڃي. اسڪريننگ جو رڪارڊ نادرا جي ڊيٽا سان ڳنڍيو ويندو جنهن جي نتيجي ۾ هر ماڻهوءَ جي اسڪريننگ جي معلومات مستقبل ۾ به دستياب هوندي. مصطفيٰ ڪمال چيو ته پاڪستان ۾ تقريبن هڪ ڪروڙ 10 لک ماڻهو هيپاٽائيٽس سي جو شڪار آهن، جڏهن ته سڄي ملڪ جي اسڪريننگ مڪمل ٿيڻ کانپوءِ ئي بيماريءَ جي متاثر ماڻهن جو اصل انگ سامهون اچي سگهندو. پاڪستان ۾ هيپاٽائيٽس سي جو انگ دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ هجڻ سبب ان بيماريءَ جي خاتمي لاءِ وڏي پيماني تي اسڪريننگ اڻٽر آهي. هن چيو ته هيپاٽائيٽس سي هڪ خاموش ۽ خطرناڪ بيماري آهي جنهن جو اڪثر دير سان پتو پوي ٿو، وقت سر سڃاڻپ نه ٿئي ته جگر کي شديد نقصان پهچي سگهي ٿو ۽ آخرڪار جگر جي ڪينسر جو سبب بڻجي ٿو، جڏهن ته جيڪڏهن بيماري جي شروعاتي مرحلي جي سُڃاڻپ ٿي وڃي ته ان جو مؤثر ۽ مڪمل علاج ممڪن آهي. وفاقي وزير موجب پاڪستان حڪومت هيپاٽائيٽس سي جي مريضن کي 3 مهينن جي علاج جي دوا مفت ۾ فراهم ڪري رهي آهي جنهن جي ماليت تقريبن 34 هزار رپيا آهي جيڪڏهن ضرورت پوي ته علاج جو ٻيو ڪورس به فراهم ڪرڻ جي گنجائش رکي وئي آهي يعني هڪ مريض کي تقريبن 68 هزار رپين تائين جون دوائون به حڪومت طرفان مفت فراهم ڪيون وينديون، اهڙيءَ طرح اسڪريننگ ٽيسٽ به عوام لاءِ مڪمل طور مفت آهي. وفاقي وزير چيو ته هن پاڻ به هيپاٽائيٽس سي جي اسڪريننگ ڪرائي آهي ۽ الحمدلله سندس ٽيسٽ منفي آيو آهي. هن اسلام آباد جي شهرين کي اپيل ڪئي ته هو ان سهولت مان ڀرپور فائدو کڻن ۽ پنهنجي سُڃاڻپ ڪارڊ سان ويجهي اسڪريننگ سينٽر وڃن ۽ صرف ڪجهه منٽن ۾ پنهنجي ٽيسٽ حاصل ڪن. والدين پنهنجي 12 سالن کان وڌيڪ عمر جي ٻارن ۽ خاندان جي ٻين ماڻهن سان به اسڪريننگ ضرور ڪرائين. هن چيو ته هيپاٽائيٽس سي جي وقت سر سُڃاڻپ نه صرف فرد پر پوري خاندان ۽ معاشري جي حفاظت لاءِ ضروري آهي. مصطفيٰ ڪمال چيو ته حڪومت عوام کي اسڪريننگ ۽ علاج جون سهولتون مفت فراهم ڪيون آهن، هاڻ عوام جي ذميداري آهي ته هو ان موقعي مان فائدو کڻن. هن اپيل ڪئي ته اسلام آباد جا شهري اسڪريننگ سينٽر تي ضرور اچن ۽ پنهنجي ٽيسٽ ڪرائين ۽ هيپاٽائيٽس سي جي خاتمي جي قومي مهم ۾ حڪومت جو ساٿ ڏين ته جيئن هڪ صحتمند پاڪستان جو بنياد رکي سگهجي.










