وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ملائيشيا جي گهرو وزير جي ملاقات، سيڪيورٽي سميت واپار ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ تي زور

اسلام آباد - 21 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ ويجهي ۽ ڀائراڻي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي خاص طور تي سيڪيورٽي، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن، واپار ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ تي زور ڏنو آهي. جمعي ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان …

اسلام آباد – 21 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ ويجهي ۽ ڀائراڻي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي خاص طور تي سيڪيورٽي، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن، واپار ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ تي زور ڏنو آهي. جمعي ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ملائيشيا جي گهرو وزير سيف الدين نسوتيون اسماعيل وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. وزيراعظم ملائيشيا جي گهرو وزير جي آجيان ڪندي ملائيشيا جي وزيراعظم داتوسري انور بن ابراهيم جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ سندس صحت بابت معلوم ڪندي جلد صحتيابي جي دعا ڪئي. وزيراعظم پاڪستان ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ ويجهي ۽ ڀائراڻي لاڳاپن کي سمورن شعبن ۾ وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن خاص طور تي سيڪيورٽي، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن، واپار ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ تي زور ڏنو. ملاقات دوران علائقائي صورتحال تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. ان موقعي تي وزيراعظم پاڪستان جي علائقائي امن جي لاءِ جاري ڪوششن ۾ ملائيشيا پاران حمايت کي ساراهيو. ملائيشيا جي گهرو وزير سيف الدين نسوتيون وزيراعظم داتوسري انور بن ابراهيم پاران وزيراعظم محمد شهباز شريف جي لاءِ نيڪ خواهشن جو پيغام پهچايو ۽ پاڪستان سان مضبوط ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۾ ملائيشيا جي گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو. وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سزا يافته ماڻهن جي منتقلي جي معاهدي تي صحيحن واري تقريب ۾ پڻ شرڪت ڪئي. معاهدي تي ملائيشيا جي گهرو وزير سيف الدين نسوتيون اسماعيل ۽ وفاقي گهرو وزير سيد محسن رضا نقوي صحيحون ڪيون. ملاقات دوران نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، گهرو معاملن وارو مملڪتي وزير طلال چوڌري، وزيراعظم جو خاص معاون طارق فاطمي ۽ ٻيا اعلى عملدار پڻ موجود هئا.

مزید خبریں