ڪانگو جي اعليٰ سطحي دفاعي وفد جي فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، ايڊمرل نويد اشرف ۽ ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو سان ملاقاتون

راولپنڊي-21 آگسٽ (اي پي پي)جمهوريه ڪانگو جي اعليٰ سطحي دفاعي وفد چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، پاڪ بحريه جي سربراهه ايڊمرل نويد اشرف ۽ پاڪ فضائيه جي سربراهه ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو سان ملاقاتون ڪيون، ٻنهي ملڪن وچ ۾ دفاعي ۽ـ سيڪيورٽي تعاون کي وسيع ۽ مضبوط بنائڻ لاءِ مفاهمت جي هڪ يادداشت تي پڻ صحيح ڪئي وئي. …

راولپنڊي-21 آگسٽ (اي پي پي)جمهوريه ڪانگو جي اعليٰ سطحي دفاعي وفد چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، پاڪ بحريه جي سربراهه ايڊمرل نويد اشرف ۽ پاڪ فضائيه جي سربراهه ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو سان ملاقاتون ڪيون، ٻنهي ملڪن وچ ۾ دفاعي ۽ـ سيڪيورٽي تعاون کي وسيع ۽ مضبوط بنائڻ لاءِ مفاهمت جي هڪ يادداشت تي پڻ صحيح ڪئي وئي. جمعي ڏينهن آءِ ايس پي آر مان جاري بيان موجب جمهوريه ڪانگو جي هڪ اعليٰ سطحي دفاعي وفد ڪانگو جي هٿياربند فوج جي چيف آف ڊفينس ليفٽيننٽ جنرل بانزا مويلامبي جولز جي سربراهي ۾ چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير نشانِ امتياز (ملٽري)، هلال جرائت سان جنرل هيڊ ڪوارٽرز ۾ ملاقات ڪئي. جي ايڇ ڪيو آمد تي مهمانن کي ٽنهي هٿياربند فوج جي چست جٿن گارڊ آف آنر پيش ڪيو. ملاقات دوران گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن، علائقائي سلامتي جي صورتحال ۽ دفاعي ۽ سلامتي جي شعبن ۾ ٻه طرفي تعاون کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي معزز شخصيتن پاڪستان ۽ ڪانگو وچ ۾ پُراڻن دوستاڻن لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي ٻنهي ملڪن وچ ۾ دفاعي ۽ـ سيڪيورٽي تعاون کي وسيع ۽ مضبوط بڻائڻ لاءِ مفاهمت جي هڪ يادداشت تي صحيح پڻ ڪئي وئي. ان کان اڳ ليفٽيننٽ جنرل بانزا مويلامبي جولز، چيف آف نيول اسٽاف ايڊمرل نويد اشرف نشانِ امتياز، نشانِ امتياز (ملٽري)، تمغه بسالت ۽ چيف آف ايئر اسٽاف ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو نشانِ امتياز (ملٽري)، هلال جرائت سان به ملاقات ڪئي. مهمان خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پاڪ فوج جي پيشيوراڻي مهارت، آپريشنل صلاحيتن ۽ پُختي عزم کي ساراهيو. هن دفاعي شعبي ۾ پاڻڀرو ٿيڻ ۽ مقامي سطح تي صلاحيتن کي هٿي ڏيڻ ذريعي حاصل ٿيل نمايان اڳڀرائي جو به اعتراف ڪيو.

مزید خبریں