اسلام آباد - 21 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جمعي ڏينهن پرڏيهي وزارت ۾ ملائيشيا جي گهرو وزير سيف الدين ناسوتيون اسماعيل سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران پاڪستان ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ ويجهي ۽ ڀائراڻي لاڳاپن جي وچن جو ورجاءُ ڪيو ويو. ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، خاص طور تي …
نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان ملائيشيا جي گهرو وزير سيف الدين ناسوتيون اسماعيل جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد – 21 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جمعي ڏينهن پرڏيهي وزارت ۾ ملائيشيا جي گهرو وزير سيف الدين ناسوتيون اسماعيل سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران پاڪستان ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ ويجهي ۽ ڀائراڻي لاڳاپن جي وچن جو ورجاءُ ڪيو ويو. ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، خاص طور تي واپار ۽ معيشت، گڏيل قانوني معاونت ۽ عوامي سطح تي رابطن جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ٻنهي طرفن کان گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ امن، استحڪام ۽ خوشحالي جي گڏيل مقصدن جي لاءِ ويجهو تعاون جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو. ملاقات ۾ قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، گهرو معاملن ۽ منشيات جي خاتمي بابت وفاقي وزير سينيٽر سيد محسن رضا نقوي، واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، گهرو معاملن ۽ منشيات جي خاتمي بابت مملڪتي وزير طلال چوڌري، واپار واري وفاقي سيڪريٽري جواد پال، قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي سيڪريٽري عامر علي احمد ۽ پرڏيهي وزارت جي سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي.










