اسلام آباد - 21 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان، ترڪيه، الجزائر، انڊونيشيا، اردن، لبنان، ملائيشيا، موريطانيا، فلسطين، قطر، سعودي عرب ۽ صوماليه جي پرڏيهي وزيرن اتر اولهه شام ۾ ابوالظهور فوجي اڏي کي نشانو بڻائيندڙ اسرائيلي فضائي حملن جي شديد مذمت ڪئي آهي، هنن انهن حملن کي شام جي خودمختياري، علائقائي سالميت ۽ سياسي وحدت جي سنگين خلاف ورزي ۽ اشتعال انگيزي قرار ڏنو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب …
پاڪستان سميت ڪيترن ئي اسلامي ملڪن پاران شام جي فوجي اڏي کي نشانو بڻائيندڙ اسرائيلي فضائي حملن جي شديد مذمت

مزید خبریں
اسلام آباد – 21 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان، ترڪيه، الجزائر، انڊونيشيا، اردن، لبنان، ملائيشيا، موريطانيا، فلسطين، قطر، سعودي عرب ۽ صوماليه جي پرڏيهي وزيرن اتر اولهه شام ۾ ابوالظهور فوجي اڏي کي نشانو بڻائيندڙ اسرائيلي فضائي حملن جي شديد مذمت ڪئي آهي، هنن انهن حملن کي شام جي خودمختياري، علائقائي سالميت ۽ سياسي وحدت جي سنگين خلاف ورزي ۽ اشتعال انگيزي قرار ڏنو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب گڏيل پڌرنامي ۾ پرڏيهي وزيرن شام جي سرزمين ۽ بنيادي ڍانچي کي مسلسل نشانو بڻائڻ ۽ نقصان پهچائڻ تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو. هنن چيو ته اهڙي طرح جا قدم شام ۾ سلامتي جي بحالي، قومي ادارن جي نئين سر تعمير ۽ ڊگهي عرصي کان جاري تڪرار جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ انساني بحران کي منهن ڏيڻ جي جاري ڪوششن کي سڌوسنئون نقصان پهچائڻ جو خطرو رکن ٿا. هنن وڌيڪ زور ڀريو ته اسرائيل پاران شام جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جون مسلسل خلاف ورزيون ڇڪتاڻ ۾ وڌيڪ اضافي، علائقائي امن ۽ استحڪام کي نقصان پهچائن، عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي منشور جي اصولن جي احترام کي ڪمزور ڪرڻ جو سبب بڻجي سگهن ٿيون. پرڏيهي وزيرن عالمي برادري تي زور ڀريو ته اها شام جي خلاف جاري جارحيت جي ڏس ۾ مضبوط، واضح ۽ اصولي موقف اختيار ڪري ۽ عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي منشور موجب انهن خلاف ورزين جي خاتمي لاءِ ٺوس قدم کڻي. هنن 1974ع جي معاهدي جو مڪمل احترام يقيني بڻائڻ ۽ اسرائيلي فوج کي انهن علائقن مان واپس گهرائڻ جو مطالبو ڪيو جتي انهن قبضو ڪري رکيو آهي ته جيئن وڌيڪ ڇڪتاڻ کي روڪي ۽ علائقائي امن ۽ استحڪام جو تحفظ ڪري سگهجي. هنن شام جي خودمختياري، آزادي، علائقائي سالميت ۽ سياسي وحدت جي احترام کي لازمي قرار ڏيندي ان کي نقصان پهچائڻ جي ڪنهن به ڪوشش کي رد ڪرڻ تي زور ڏنو آهي.










