اسلام آباد-21 آگسٽ (اي پي پي) بورڊ آف انويسٽمينٽ واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ سان سعودي انويسٽمينٽ فورم جي وفد ملاقات ڪئي. وفد جي اڳواڻي ڪنور قطب الدين ڪئي، جڏهن ته وفد ۾ پاڪستان انويسٽر اينڊ بزنس فورم جي انجنيئر غلام صفدر ۽ چيئرمين موڪا ميلا انٽرنيشنل ايل ايل سي راجا رياض به شامل هئا. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ معاشي لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ، ڪاروباري …
انويسٽمينٽ بورڊ واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ سان سعودي انويسٽمينٽ فورم جي وفد جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد-21 آگسٽ (اي پي پي) بورڊ آف انويسٽمينٽ واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ سان سعودي انويسٽمينٽ فورم جي وفد ملاقات ڪئي. وفد جي اڳواڻي ڪنور قطب الدين ڪئي، جڏهن ته وفد ۾ پاڪستان انويسٽر اينڊ بزنس فورم جي انجنيئر غلام صفدر ۽ چيئرمين موڪا ميلا انٽرنيشنل ايل ايل سي راجا رياض به شامل هئا. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ معاشي لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ، ڪاروباري لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۽ پاڪستان ۾ سعودي سيڙپڪاري ۾ واڌ جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفد وفاقي وزير کي سعودي انويسٽمينٽ فورم ۽ ان جي ڍانچي ۽ مقصدن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. وفد ٻُڌايو ته رياض ۽ جده ۾ قائم پهرين کان موجود ڌار فورمز کي هاڻ سعودي عرب لاءِ هڪ متحد فورم ۾ ضم ڪيو ويو آهي، جنهن جي نيٽ ورڪ ۾ 400 کان وڌيڪ ڪاروباري ادارا شامل آهن. وفد واضح ڪيو ته فورم ۾ تصديقي ۽ حقيقي ڪاروباري ادارا شامل آهن ۽ ان جو مقصد واپاري، سيڙپڪاري ۽ ڪاروباري رابطن کي هٿي ڏيڻ لاءِ هڪ قابلِ اعتماد پليٽ فارم فراهم ڪرڻ آهي. وفد سعودي عرب جي خطي ۾ ڪاروبار، واپار ۽ سيڙپڪاريءَ جي هڪ تيزيءَ سان اُڀرندڙ مرڪز طور ڪردار کي اجاگر ڪيو ۽ چيو ته سعودي عرب ۾ ڪاروباري ادارن ۽ سيڙپڪارن لاءِ حصيداري، گڏيل منصوبن ۽ ڊگهي مُدي جي واپاري رابطن جا وسيع موقعا پيدا ٿي رهيا آهن. سعودي وفد وفاقي وزير قيصر احمد شيخ جو قيمتي وقت ڏيڻ تي ٿورو مڃيو ۽ پاڪستان جي مثبت سُڃاڻپ کي اجاگر ڪرڻ ۽ ملڪ ۾ سيڙپڪاريءَ کي هٿي وٺرائڻ لاءِ سندس ڪوششن کي ساراهيو. وفد وفاقي وزير جي ڪاروباري برادري ۽ نجي شعبي جي مسئلن سان گهري واقفيت کي به ساراهيو جيڪو سندس وسيع واپاري تجربي جو اظهار آهي.











