بدين ڀرسان ڳوٺ الھڏنو سومرو ۾ سنڌ جي ثقافتي راند ونجھ وٽي جا شاندار مقابلا

بدين - 21 آگسٽ (اي پي پي) بدين ڀرسان ڳوٺ الھڏنو سومرو ۾ سنڌ جي ثقافتي راند ونجھ وٽي جا شاندار مقابلا ٿي گذريا جن ۾ بدين، لواري شريف سميت آس پاس جي مختلف ڳوٺن مان آيل 16 ٽيمن ڀرپور حصو ورتو. راندين دوران رانديگرن پاران شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو ويو. جڏهن ته مقابلا ڏسڻ لاءِ وڏي انگ ۾ شوقين پڻ موجود هئا. مختلف مرحلن مان ڪاميابي حاصل ڪندي …

بدين – 21 آگسٽ (اي پي پي) بدين ڀرسان ڳوٺ الھڏنو سومرو ۾ سنڌ جي ثقافتي راند ونجھ وٽي جا شاندار مقابلا ٿي گذريا جن ۾ بدين، لواري شريف سميت آس پاس جي مختلف ڳوٺن مان آيل 16 ٽيمن ڀرپور حصو ورتو. راندين دوران رانديگرن پاران شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو ويو. جڏهن ته مقابلا ڏسڻ لاءِ وڏي انگ ۾ شوقين پڻ موجود هئا. مختلف مرحلن مان ڪاميابي حاصل ڪندي علي وارث ٽيم فائنل ۾ پھچي مخالف ٽيم کي شڪست ڏئي ونجھ وٽي راند جو فائنل پنھنجي نالي ڪري ورتو. فائنل دوران ٻنھي ٽيمن جي رانديگرن پاران بھترين راند پيش ڪئي وئي، جنھن کي ڏسندڙن پاران ڀرپور موٽ ڏني وئي. ان موقعي تي راندين جا انتظام ڪندڙ سردار اسلم سومرو چيو ته ونجھ وٽي سنڌ جي قديمي ۽ ثقافتي راند آهي، جيڪا اسان جي ٻھراڙيءَ واري زندگي ۽ روايتن سان جڙيل آهي. هن چيو ته اهڙيون ثقافتي رانديون نوجوان نسل کي پنھنجي ثقافت ۽ روايتن سان ڳنڍڻ سان گڏ مثبت سرگرمين ڏانھن راغب ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون. سماجي اڳواڻ غلام محي الدين سومرو چيو ته رانديون انساني صحت ۽ جسماني واڌ ويجھ لاءِ انتھائي ضروري آهن. هن چيو ته نوجوانن کي راندين جا بھترين موقعا فراهم ڪرڻ گھرجن ته جيئن اهي صحتمند سرگرمين ۾ حصو وٺي پنھنجي صلاحيتن کي اجاگر ڪري سگھن. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي ثقافتي راندين کي هٿي ڏيڻ سان نه رڳو اسان جون پراڻيون روايتون زندهه رهنديون پر نوجوانن ۾ اتحاد، ڀائيچارو ۽ مقابلي جو جذبو پڻ وڌندو. مقابلي جي پڄاڻيءَ تي ڪامياب ٽيم جي ڪپتان اميد علي عرف ڏاڏا کور کي ٽرافي ڏني وئي. رانديگرن ۽ منتظمين کي واڌايون ڏنيون ويون. ان موقعي تي حاجي شفيع سومرو، ھاشم پوڙھو سومرو پاران آيل مھمانن ۽ رانديگرن کي اجرڪون پارايون ويون. جڏهن ته موجود ماڻھن پاران اهڙيون ثقافتي ۽ راندين جون سرگرميون مستقبل ۾ پڻ جاري رکڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ويو.

مزید خبریں