اسلام آباد-21 آگسٽ (اي پي پي)جسٽس سيد حسن اظهر رضوي وفاقي آئيني عدالت جي وقتي چيف جسٽس جو حلف کڻي ورتو. پڌرائيءَ موجب وفاقي آئيني عدالت جي چيف جسٽس امين الدين خان جي پرڏيهي دؤري سبب جسٽس سيد حسن اظهر رضوي وقتي چيف جسٽس جون ذميداريون سنڀالي ورتيون. وفاقي آئيني عدالت ۾ ٿيل تقريب ۾ جسٽس عامر فاروق، جسٽس سيد حسن اظهر کان وقتي چيف جسٽس جي عهدي جو حلف …
جسٽس سيد حسن اظهر رضوي وفاقي آئيني عدالت جي وقتي چيف جسٽس جو حلف کڻي ورتو

مزید خبریں
اسلام آباد-21 آگسٽ (اي پي پي)جسٽس سيد حسن اظهر رضوي وفاقي آئيني عدالت جي وقتي چيف جسٽس جو حلف کڻي ورتو. پڌرائيءَ موجب وفاقي آئيني عدالت جي چيف جسٽس امين الدين خان جي پرڏيهي دؤري سبب جسٽس سيد حسن اظهر رضوي وقتي چيف جسٽس جون ذميداريون سنڀالي ورتيون. وفاقي آئيني عدالت ۾ ٿيل تقريب ۾ جسٽس عامر فاروق، جسٽس سيد حسن اظهر کان وقتي چيف جسٽس جي عهدي جو حلف ورتو. تقريب ۾ وفاقي آئيني عدالت جي معزز ججن، رجسٽرار، عدالت جي آفيسرن، قانون واري وزارت، سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن ۽ پاڪستان بار ڪائونسل جي نمائندن ۽ عهديدارن شرڪت ڪئي. حلف کڻڻ کانپوءِ جسٽس سيد حسن اظهر رضوي وقتي چيف جسٽس جون ذميداريون سنڀالي ورتيون. ان مقرريءَ جو مقصد عدالتي ۽ انتظامي معاملن ۾ تسلسل برقرار رکڻ ۽ آئيني انصاف جي بنا رنڊڪ، مؤثر ۽ وقت سر فراهميءَ کي يقيني بنائڻ آهي. وفاقي آئيني عدالت موجب اهو انتظام اداره جاتي تسلسل، آئيني حڪمراني، عدالتي ذميدارين کي بنا روڪ عمل ڪرڻ ۽ قانون جي حڪمراني جي عزم جي عڪاسي ڪري ٿو. عدالت آئين جي بالادستي ۽ آئيني انصاف جي مؤثر فراهمي لاءِ پنهنجون آئيني ۽ قانوني ذميداريون بدستور انجام ڏيندي رهندي.











