ڪراچي -21 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ حڪومت صوبي اندر پبلڪ سروس گاڏين خلاف جامع انفورسمينٽ مهم ۽ ڪريڪ ڊائون جو فيصلو ڪندي صوبائي ۽ ريجنل ٽرانسپورٽ اٿارٽيز، سمورين ڊسٽرڪٽ ريجنل ٽرانسپورٽ اٿارٽيز ۽ موٽر وهيڪل انسپيڪشن ونگ کي فوري طور تي سخت چيڪنگ ۽ انفورسمنٽ ڊرائيو شروع ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن. آفيسرن کي هر ٻن هفتن کانپوءِ ڪيل ڪارروائي ۽ وڌيڪ بهتري لاءِ سفارشن تي ٻڌل …
سنڌ حڪومت پاران صوبي اندر پبلڪ ٽرانسپورٽ خلاف جامع انفورسمينٽ ۽ ڪريڪ ڊائون جو فيصلو

مزید خبریں
ڪراچي -21 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ حڪومت صوبي اندر پبلڪ سروس گاڏين خلاف جامع انفورسمينٽ مهم ۽ ڪريڪ ڊائون جو فيصلو ڪندي صوبائي ۽ ريجنل ٽرانسپورٽ اٿارٽيز، سمورين ڊسٽرڪٽ ريجنل ٽرانسپورٽ اٿارٽيز ۽ موٽر وهيڪل انسپيڪشن ونگ کي فوري طور تي سخت چيڪنگ ۽ انفورسمنٽ ڊرائيو شروع ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن. آفيسرن کي هر ٻن هفتن کانپوءِ ڪيل ڪارروائي ۽ وڌيڪ بهتري لاءِ سفارشن تي ٻڌل تفصيلي رپورٽ ٽرانسپورٽ کاتي کي جمع ڪرائڻ جو پڻ حڪم ڏنو ويو آهي. سنڌ جي سينيئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ڊجيٽلائيزڊ روٽ پرمٽ، صحيح فٽنيس سرٽيفڪيٽ ۽ لازمي فائر ايڪسٽنگوشر کانسواءِ هلندڙ پبلڪ سروس گاڏين خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. هن چيو ته ڪيتريون ئي پبلڪ سروس گاڏيون اڃا تائين ڊجيٽلائيزڊ روٽ پرمٽ ۽ صحيح فٽنيس سرٽيفڪيٽ کانسواءِ هلائيون پيون وڃن، جڏهن ته ڪجهه گاڏين ۾ فائر ايڪسٽنگوشر پڻ موجود ناهن، اهڙيون ڀڃڪڙيون مسافرن جي حفاظت لاءِ سنگين خطرو آهن.شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سمورين پبلڪ سروس گاڏين جي ڊجيٽلائيزڊ روٽ پرمٽن جي مڪمل تصديق ڪئي ويندي، جڏهن ته دستي روٽ پرمٽن کي غير مؤثر قرار ڏئي رد ڪيو ويندو. هن هدايت ڪئي ته قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙ گاڏين ۽ آپريٽرن جي جامع فهرست تيار ڪئي وڃي ۽ هر ٻن هفتن کانپوءِ ٽرانسپورٽ کاتي کي رپورٽ پڻ جمع ڪرائي وڃي.هن وڌيڪ چيو ته صحيح فٽنيس سرٽيفڪيٽ کانسواءِ هلندڙ گاڏين کي فوري طور تي تحويل ۾ ورتو وڃي، جڏهن ته بار بار ڀڃڪڙي ڪندڙن جا نالا بليڪ لسٽ ڪرڻ جي تجويز ڏي وڃي. سندس چوڻ هو ته سمورين پبلڪ سروس گاڏين ۾ مقرر ڪيل حفاظتي معيارن موجب فعال فائر ايڪسٽنگوشر جي موجودگي لازمي آهي ۽ موٽر وهيڪل انسپيڪٽرن کي اوچتا معائنا ڪري ڀڃڪڙي جي صورت ۾ فوري ڪارروائي ڪرڻ جون هدايتون ڏنيون ويون آهن.سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ واضح ڪيو ته ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف ڏنڊ، روٽ پرمٽ جي معطلي ۽ ضرورت پوڻ تي لائسنس جي منسوخي سميت قانوني ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي. هن چيو ته ڪنهن به پبلڪ سروس گاڏي کي لازمي حفاظتي گهرجون پوريون ڪرڻ کانسواءِ روڊن تي هلڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي، ڇاڪاڻ ته مسافرن جي جان ۽ مال جو تحفظ حڪومت جي اولين ترجيح آهي.











