سنڌ جي گورنر سان روانڊا جي هاءِ ڪميشن جي ملاقات

ڪراچي-21 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي گورنر  سيد محمد نهال هاشمي روانڊا هاءِ ڪميشن اسلام آباد جو دورو ڪيو، جتي روانڊا جي هاءِ ڪمشنر فاتو هرير يمانا ۽ سفارتي عملي سندس آڌرڀاءُ ڪيو گورنر هائوس مان جاري ڪيل پريس رليز موجب گورنر ۽ روانڊا جي هاءِ ڪمشنر وچ ۾ ملاقات ۾ پاڪستان ۽ روانڊا جي ٻه طرفن لاڳاپن ،گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ مختلف شعبن ۾ سهڪار کي هٿي …

ڪراچي-21 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي گورنر  سيد محمد نهال هاشمي روانڊا هاءِ ڪميشن اسلام آباد جو دورو ڪيو، جتي روانڊا جي هاءِ ڪمشنر فاتو هرير يمانا ۽ سفارتي عملي سندس آڌرڀاءُ ڪيو گورنر هائوس مان جاري ڪيل پريس رليز موجب گورنر ۽ روانڊا جي هاءِ ڪمشنر وچ ۾ ملاقات ۾ پاڪستان ۽ روانڊا جي ٻه طرفن لاڳاپن ،گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ مختلف شعبن ۾ سهڪار کي هٿي وٺائڻ تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري کي هٿي وٺائڻ، ٻه طرفي واپاري ڳاڻيٽي ۾ اضافي ،ڪاروباري رابطن جي استحڪام ۽ نون معاشي موقعن جي ڳولها ڪرڻ جي امڪانن  جو جائزو ورتو ويو. ڪافي، چانور، ٽيڪسٽائيل سوڌو مختلف شعبن ۾ گڏيل واپار ۽ سهڪار کي هٿي وٺائڻ جي نون امڪانن تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. گورنر چيو ته پاڪستان ۽ روانڊا وچ ۾ دوستاڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جا وسيع امڪان موجود آهن، ٻئي ملڪ گڏيل سهڪار جي نون شعبن جي نشاندهي ڪري ٻه طرفن رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻائي سگهن ٿا. روانڊا جي هاءِ ڪمشنر فاتو هرير يمانا گورنر جي عوامي ڀلائي وارن قدمن جي واکاڻ ڪندي پاڪستان ۽ روانڊا وچ ۾ مختلف شعبن ۾ سهڪار کي وڌيڪ وڌائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو.

مزید خبریں