اسلام آباد-21 آگسٽ (اي پي پي) سيينٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني سان ملائيشيا جي گهرو وزير توڪ سري سيف الدين نصر بن اسماعيل وفد سان گڏ پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پاڪستان ۽ ملائيشيا وچ ۾ پارلياماني، سياسي، اقتصادي، تعليمي ۽ دفاعي رابطا وڌيڪ وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب سينيٽ چيئرمين ملائيشيا جي گهرو وزير جي آجيان ڪندي چيو ته ٻنهي ملڪن جا ناتا …
سيينٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني سان ملائيشيا جي گهرو وزير جي وفد سان گڏ ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد-21 آگسٽ (اي پي پي) سيينٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني سان ملائيشيا جي گهرو وزير توڪ سري سيف الدين نصر بن اسماعيل وفد سان گڏ پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پاڪستان ۽ ملائيشيا وچ ۾ پارلياماني، سياسي، اقتصادي، تعليمي ۽ دفاعي رابطا وڌيڪ وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب سينيٽ چيئرمين ملائيشيا جي گهرو وزير جي آجيان ڪندي چيو ته ٻنهي ملڪن جا ناتا تاريخي، ڀائراڻا ۽ گڏيل مذهبي ۽ ثقافتي قدرن تي ٻَڌل آهن، جڏهن ته اعليٰ سطحي دؤرن جي مٽاسٽا سان ٻنهي ملڪن جي ناتن کي هٿي ملي آهي. هن چيو ته پاڪستان ملائيشيا جي معزز بادشاهه ۽ ملڪه جي پاڪستان اچڻ جا منتظر آهيون ۽ ملائيشيا جي پرڏيهي وزير جو جلد پاڪستان جي دؤري جو خواهشمند آهيان. هن گڏيل وزارتي ڪميشن جي ايندڙ اجلاس جي جلد بندوبست ڪرڻ جي اميد ظاهر ڪندي قيدين جي عالمي منتقلي جي معاهدي تي صحيح جي آجيان ڪئي. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته ٻنهي ملڪن جي بهترين سياسي ناتن کي مضبوط واپاري ۽ اقتصادي ڀائيواريءَ ۾ تبديل ڪرڻو پوندو، ملائيشين سيڙپڪار پاڪستان ۾ سيڙپڪاريءَ جي موقعن مان فائدو کڻن جڏهن ته خاص سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل پرڏيهي سيڙپڪاريءَ کي هٿي وٺرائڻ لاءِ مؤثر ونڊو پليٽ فارم آهي. هن چيو ته پاڪستان ملائيشين ڪاروباري ادارن لاءِ افغانستان، وچ ايشيا ۽ اولهه چين تائين رسائيءَ جو دروازو بڻجي سگهي ٿو، ٻنهي ملڪن وچ ۾ سيمي ڪنڊڪٽر جي شعبي ۾ سهڪار جا به وسيع امڪان موجود آهن. سينيٽ چيئرمين چيو ته پاڪستان جي اٽڪل 60 سيڪڙو آبادي نوجوانن تي ٻَڌل آهي ۽ نوجوان ملڪ جو بهترين اثاثو آهن، پاڪستان ملائيشيا جي افرادي قوت جون ضرورتون پوريون ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي. هن پاڪ ملائيشيا دفاعي سهڪار ۾ مسلسل اڳڀرائيءَ کي تحسين جوڳو قرار ڏيندي چيو ته پاڪستان دفاعي پيداوار جي شعبي ۾ سهڪار وڌائڻ ۽ ملائيشيا جي ضرورتن موجب دفاعي ساز و سامان فراهم ڪرڻ لاءِ تيار آهي. ان موقعي تي ملائيشيا جي گهرو وزير چيو ته ملائيشيا پاڪستان سان ٻه طرفن ناتن ۽ گڏيل تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ پارلياماني، سياسي، اقتصادي، تعليمي ۽ دفاعي رابطن کي وڌيڪ هٿي وٺرائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو.











